Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اللہ  ڪريم حضرت سَيدَتُنا فاطمة الزّهرا کي ڪيڏي شان ۽ عظمت سان نوازيو هو ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا پنهنجي والده محترمه جي بَطنِ اَقدس مان ئي پنهنجي والد سڳوري ۽ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي صادق ۽ امين هئڻ جي گواهي ڏني هئي، بيشڪ اها به سندن ڪرامتن مان هڪ ڪرامت هئي۔ اچو! هاڻ سندن مختصر تعارف ٻڌون ٿا،

سيِّدَھ فَاطِمه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جو مختصر تعارُف

 سندن جو نالو ”فاطِمه“ لقَب ”زَهرا“ ۽ ”بَتُول“ آهي۔ سندن ننڍپڻ شريف ۽ زندگي جو هر لمحو نهايت ئي پاڪيزه هو، ڇاڪاڻ ته پاڻ حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ اُمُّ المومنين حضرت خديجة الڪبري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي رحمت ڀري آغوش ۾ تربيت حاصل ڪئي هئي، پاڻ ڏينهن رات پنهنجي والدين جي پاڪيزه زبان مان پاڪيزه قول ٻڌندي هئي، پاڻ نهايت عبادت گذار، متقي ۽ پاڪيزه خاتون هيون، ان ڪري سندنرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا کي عابده، زاهده ۽ طاهره سڏيو ويندو آهي۔ (سفينه نوح، ص١٤،١٥ ملخصا)

 خاتون جنت اخلاق عادتن، گفتار ۽ ڪردار ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گھڻي مشابهت رکنديون هيون۔ (ترمذي ،۵/۴۶۶، حديث:۳۸۹۸ملخصا) نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وصالِ ظاهري کان تقريبا 5 يا 6 مهينن کان پوءِ 3 رمضانُ المبارڪ 11 هجري ۾ سندن وصال ٿيو۔ (سفينهٔ نوح، حصّه دُوُم، ص۵۴ملخصاً)

سیِّدہ زاہرہ طیِّبہ طاہِرہ      جانِ احمد کی راحت پہ لاکھوں سلام

       مختصر وضاحت:يعني خاتونِ جنت حضرت سَيِّدَتُنا فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جنتي عورتن جون سردار،خوبصورت ڪلي، پاڪيزه،طهارت جي پيڪر۽ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي راحت آهن، سندن تي لکين سلام نازل هجن ـ  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد