Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نبي ڪريم،رؤفٌ رَّحيمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صاحِبزادي، خاتونِ جنّت حضرتِ سيدَتُنا فاطمة الزهرهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا تي اسان جي دل ۽ جان قربان! سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا کي اُمَّتِ مُسلِمه جو بيحد درد هو، پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏُکايل اُمَّت جي لاءِ بعض اَوقات سڄي سڄي رات دعائون گھرنديون هيون، پنهنجي سهولت ۽ آسائش جي لاءِ ربِّ ڪائنات جي بارگاھ ۾ ڪڏهن التجائون نه ڪنديون هيون، بلڪ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا سڄو ڏينهن گھر جو ڪم ڪار ڪنديون هيون ۽ جڏهن رات ٿيندي هئي ته عِبادتِ الٰهي جي لاءِ بيهي رهنديون هيون۔

عِبادت اهڙي هئڻ گھرجي!

      حضرت سيدُنا امامِ حَسَن مجتبٰيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ فرمائن ٿا ته مون پنهنجي والِده ماجِده حضرتِ سيده فاطِمة الزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا کي ڏٺو ته رات جو مسجِدِ بَيت جي مِحراب (يعني گھر ۾ نماز پڙھڻ جي مخصوص هنڌ) ۾ نماز پڙھنديون رهنديون هيون ايستائين جو فجر نماز جو وقت ٿي ويندو هو، مون سندن کي مسلمان مردن ۽ عورتن جي لاءِ تمام گھڻيون دعائون ڪندي ٻڌو، پاڻ پنهنجي ذات جي لاءِ ڪا دُعا نه گھرنديون هيون، مون عرض ڪيو: پياري امان سائڻ (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا)! ڇا سبب آهي جو اوهان پنهنجي لاءِ ڪا دُعا نٿيون گھرو؟ فرمايائون: پهريان پاڙو آهي پوءِ گھر۔     (مَدَارِجُ النُّبُوَّت ، ج۲، قسم پنجم، باب اوّل در ذڪر اولاد ڪرام، ص۴۶۱)

عطا کر عافیت تو نزع و قبر وحشر میں یارب                          وسیلہ فاطمہ زہرا کا کر لطف و کرم مولیٰ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! خبر پئي ته خاتونِ جنّت، سيدَه فاطِمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي مبارڪ عادت هي هئي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا اُمَّت جي غمخواري جي لاءِ هر وقت عبادتِ الٰهي ڏانهن مُتوجّه رهنديون هيون، راتين جو بيدار ٿي مُناجات (دُعا) ۾ مصروف رهنديون هيون، اهو ئي نه بلڪ اللہ  پاڪ جي عبادت ۽ ان جي ذڪر اَذڪار سان ايتري قدر مَحَبَّت هئي جو پنهنجي گھريلو ڪم ڪار ڪرڻ سان گڏوگڏ يادِ الٰهي کان ڪڏهن غافل نه ٿيون، اچو! هاڻي سيده خاتونِ جنّت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي تلاوت جي ذوق ۽ عبادت جي شوق جي متعلق ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا، جيئن