Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

کاڌو پچائڻ وقت به تلاوت

      اميرُالمؤمنين حضرتِ سيدُنا علي المرتضيٰکرَّمَ اللّٰه تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم فرمائن ٿا ته سيدَه خاتون ِجنت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا کاڌو پچائڻ (Cooking) جي حالت ۾ به قرآنِ پاڪ جي تلاوت جاري رکنديون هيون۔  (سفينهٔ نوح، حصّه دُوُم، ص۳۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! خاتونِ جنّت سيِّدَه فَاطِمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا کي تلاوت جو ڪيتري قدَر ذَوق ۽ شوق هو جو گھريلو مصروفِيت جي دوران به زبان کان قرآنِ ڪريم جي تلاوت جاري رکنديون هيون، جيڪڏهن اسان پنهنجي مُعاشري ۾ نظر وجھون ته ڪيئي نادان مصروفِيت جي دوران ڪنن ۾ هينڊ فري (Hand free) لڳائي وڏي توجھ سان ڳانو ٻڌندي پنهنجن ڪمن ۾ مگن رهندا آهن ۽ گڏوگڏ پنهنجي زبان سان به جھونگاريندا رهندا آهن، اهڙي طرح ڪيئي نادان خواتين گھر جي ڪم ڪار دوران ڳانا ٻڌنديون آهن، فلمون ڊراما ڏسنديون آهن، ڄڻ ته گانن باجن جي بغير انهن جا ڪم ٿين ئي نٿا۔ اڄوڪي دور ۾ ته ڳائڻ وڄائڻ جي بري عادت ايتري قدر وڌي چڪي آهي جو ڪو گاڏي هلائي رهيو هجي يا بائيڪ تي ڪٿي وڃي رهيو هجي پنهنجي موبائل يا ٽيپ ريڪاڊ تي گانو لڳل هوندو آهي۔ اي ڪاش! اسان کي به پنهنجي ڏينهن رات عبادت ۾ گذارڻ جي سعادت نصيب ٿئي۔ اي ڪاش! اسان جي ڪا گھڙي فضول ڪمن ۾ نه گذري۔ اي ڪاش! اسان جي هر گھڙي ذِڪرودُرُود سبب رحمت ڀري گذري۔ اي ڪاش! گانا باجا ٻڌڻ ۽ جھونگارڻ (Singing) جي اسان جي اها بري عادت (Bad Habit) نڪري وڃي ۽ اسان گھرو ڪمن ۾ مشغول هجون يا سفر ۾ هجون هر وقت اسان جي چپن تي ذڪر و دُرُود ۽ نعت ِرسول جاري رهي۔

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عبادت جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ سيده خاتونِ جنّت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي عبادت جي شوق تي وڌيڪ هڪ واقعو ملاحظه ڪريو،

شادي جي پهرين رات به عبادت

      حضرت سَيدَتُنا فاطمةُ الزَّهره جي رُخصتي کان بعد حضرت علي المرتضيٰ