Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا ٻنهي پنهنجي بستر کي ڇڏي ڏنو ۽ اللہ  پاڪ جي عبادت ۾ مصروف ٿي ويا، رات قيام ۾ ته ڏينهن روزي جي حالت ۾ گذري رهيا هئا ايستائين جو 3 ڏينهن اهڙي طرح گذري ويا۔ چوٿين ڏينهن حضرتِ سَيدُنا جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: اللہ  ڪريم اوهان عَلَيه السَّلَام کي سلام موڪليو آهي ۽ ارشاد فرمايو آهي: هنن ٻنهي 3 ڏينهن کان ننڊ ۽ بستر کي ترڪ ڪري رکيو آهي ۽ عبادت روزن ۾ مصروف آهن، توهان انهن وٽ وڃو ۽ انهن کي ارشاد فرمايو ته اللہ  پاڪ توهان جي سبب ملائڪن تي فخر فرمائي رهيو آهي ۽ توهان ٻئي بروزِ قيامت گنهگارن جي شفاعت ڪندؤ۔ (اَلرَّوْضُ الْفَائِق، ص۲۷۸،ملتقطاً ملخصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي انهن نيڪ هستين جي سيرت تي هلندي خوب خوب عبادت ڪرڻ گھرجي۔ رمضانُ المبارڪ جا روزا ته اسان تي فرض ئي آهن، بِلاعذرِ شرعي هڪ روزو به ڇڏڻ گناھ آهي۔ جيڪڏهن ممڪن هجي ته رمضان المبارڪ کان بعد نفل روزن جي به عادت بڻائڻ گھرجي ڇوته هن جون به گھڻيون فضيلتون آهن۔ اچو! هن باري ۾ 2 روايتون ٻڌو۔

1    جنهن ثواب جي اُمّيد رکندي هڪ نفل روزو رکيو اللہ  پاڪ ان کي دوزخ کان 40 سالن (جو مفاصِلو) پري ڪندو۔ (ڪنْزُالْعُمّال ج۸ص۲۵۵حديث۲۴۱۴۸)

2    جنهن رِضاِءِ الٰهي جي لاءِ هڪ ڏينهن جو نَفل روزو رکيو ته اللہ  پاڪ ان جي ۽ دوزخ جي وچ ۾ هڪ تيز رفتار سُوار جي پنجاھ سالن جي مسافت جو فاصِلو ڪندو۔''  (ڪنزالعُمّال ج۸ص۲۵۵حديث۲۴۱۴۹)

       سيده خاتونِ جنّت جي ذوقِ تلاوت ۽ سندن عبادت جي شوق ۾ خاص ڪري اسان جي گھر جي اسلامي ڀينرن جي لاءِ به هڪ پيغام آهي ته گھر جي ڪم ڪار ڪرڻ سان گڏوگڏ اللہ  پاڪ جي عبادت جو ذوق ۽ شوق هئڻ گھرجي، علمِ دِين سکڻ جو جذبو هئڻ گھرجي، نيڪي جي دعوت کي عام