Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

ڪرڻ جو جذبو هئڻ گھرجي. عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اسلامي ڀينرن جي لاءِ ڪيئي اهڙا موقعا آهن جتي انهن کي علمِ دِين حاصل ڪرڻ مُيسّر ٿيندو آهي، اسان پنهنجي گھر جي اسلامي ڀينرن کي اسلامي ڀينرن جي هفتيواراجتماع ۾ شرڪت ڪرايون، تعليمِ قرآن حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي مدرسة المدينه بالغات ۾ پڙھڻ جو ذهن ڏيون، زهي نصيب! جامعة المدينه للبنات ۾ داخلا جي سعادت ملي وڃي ته پوءِ ڪهڙيون مدني بهارون هونديون، اسان جي گھر جون اسلامي ڀينرون جڏهن علمِ دين جي روشني سان مالا مال ٿينديون ته پنهنجي اولاد جي مدني تربيت ڪري سگھنديون، پاڻ به نمازي ٿينديون، پنهنجي اولاد کي به نمازي بڻائينديون، پاڻ به قرآنِ ڪريم پڙھنديون،پنهنجي اولاد کي به قرآنِ ڪريم پڙھڻ سيکارينديون۔ سيده خاتونِ جنّت جي صدقي اللہ  پاڪ اسان جي اسلامي ڀينرن کي به عبادت جو شوق ۽ تلاوت جو ذوق نصيب فرمائي۔

عبادت میں گزرے مِری زِندگانی                                کرم ہو کرم یا خدا یا اِلٰہی

(وسائلِ بخشش، ص۱۰۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

           مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرتِ سيدَه فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي شان ۽ عظمت جو هڪ پهلو هي به آهي ته سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا  کي حضور نبي رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سان ۽ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کي اوهان  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا  سان بي پناھ محبّت هئي۔ اهو ئي سبب آهي جو صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان، صحابياتِ طيبات ۽ خاص ڪري سيدَه فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا سُنَّتِ رسول جي پابندي جو نمونو هيون، جيئن

هم شڪلِ مصطفٰي ۽ اندازِ گفتگو

       اُمُّ المؤمنين حضرتِ سيدَتُنا عائشه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا فرمائن ٿيون ته مون رَسُولُ