Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صاحبزادي حضرتِ سيدَه فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا کان وڌيڪ ڪنهن کي عادات واَطوار، سيرت ۽ ڪردار ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مُشابَهت رکڻ وارو نه ڏٺو۔ (اَبُودَاؤُد، ڪتاب الادب ،باب ما جاء في القيام،۴/۴۵۴، حديث:۵۲۱۷، ملتقطاً) هڪ روايت ۾ اُمُّ المُؤمِنِين حضرتِ سيدَتُنا عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا فرمائن ٿيون مون گفتگو جي انداز ۽ ويهڻ ۾ حضرتِ فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا کان وڌيڪ ڪنهن کي رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مُشابَهت رکڻ وارو نه ڏٺو۔       (اَلْادب المفرد، باب قيام الرجل لاخيه، ص۲۵۵، الحديث :۹۷۴)

      حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمديارخان نعيميرَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا:حضرت خاتونِ جنَّت، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بهترين ۽ واضح نمونو هيون، بلڪه تصوير صرف شڪل ڏيکاريندي آهي، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا ته سيرت ۽ خصلت(Nature) ۾ به حضور جو نمونو هيون ـ (مراٰة لمناجيح ، ۶/۳۶۵)

رَسُوْلُ الله کی  جیتی جاگتی تصویرکودیکھا                   کیانظارہ جن آنکھوں نے تفسیرِ نبوت کا

       سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ ڇا شان آهي! خاتونِ جنت،سيده فاطمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جو سندن اٿڻ ويهڻ، هلڻ ڦرڻ ايستائين جو اندازِگفتگو (Way of Talking) به پنهنجي والدِ محترم حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انداز مطابق هو۔ اي ڪاش! اسان پنهنجي زندگي خاتونِ جنَّت سيده فاطمةالزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي سيرتِ طيبه تي عمل ڪندي عبادتِ الٰهي ۾ گذارڻ وارا بڻجي وڃون، پنهنجي والدين جي اکين جي ٿڌاڻ بڻجي وڃون، هر هڪ سان حُسنِ سُلُوڪ، نرمي ۽ ڀلائي سان پيش اچون، ماڻهن جي تڪليف ۽ مُصيبت ۾ انهن جي ڪم اچڻ وارا بڻجي وڃون ۽ پنهنجي ظاهر کي سُنّتن جي سانچي ۾ بدلڻ ۽ پنهنجي باطن کي حسد ، تڪبُّر، تهمت ۽ بد گمانين کان بچائڻ وارا بڻجي وڃون۔

بد خصائل ٹلیں، سیدھے رستے چلیں                 کر دو آقا کرم، تاجدارِحرم

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  خاتونِ جنت جي شان ۽ عظمت جو هڪ پهلو هي به