Tilawt e Quran Aur Musilman

Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

دعوت اسلامي عاشقان رسول جي اها مسجد ڀريو تحريڪ آهي جو جنهن جي مدني مقصد ۾ فيضان قرآن کي عام ڪرڻ جي ترغيب شامل آهي، اهو مدني مقصد ڇا آهي: اچو! اسان به دهرائي وٺون ٿا” مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي“ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني مقصد ۾ پنهنجي اصلاح سان گڏو گڏ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح ڪرڻ جو مدني پيغام به ڏنو پيو وڃي، ماڻهن جي اصلاح ۾ تعليمِ قرآن جي هڪ بنيادي اهميت آهي، مسلمان ۽ قرآن گڏ گڏ آهن، قرآنِ ڪريم جي رهنمائي جي بغير ڪو منزل تائين ڪيئن پهچي سگهي ٿو؟ قرآن ڪريم کي ڇڏي ڪاميابي جي اميد ڪيئن رکي سگهجي ٿي؟ قرآنِ ڪريم هدايت جو چشمو آهي.

اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي مختلف انداز ۾ تعليم قرآن کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي تعليمِ قرآن کي عام ڪرڻ جي لاءِ هڪ انداز هي به آهي ته مختلف هنڌن ۽ مسجدن وغيره ۾ عام طور عشاء نماز کان پوءِ هزارين مدرسةُ المدينه (بالغان) جي ترڪيب ٿيندي آهي جن ۾ وڏي عمر جا اسلامي ڀائر صحيح مَخارِج سان اکرن جي دُرُست ادائيگي سان قرآنِ ڪريم سکندا، دعائون ياد ڪندا ۽ وضو ۽ غسل ۽ نماز جي ضروري مسئلن جي مُفت تعليم حاصل ڪندا آهن۔ ان جي علاوه دُنيا جي مختلف مُلڪن ۾ اڪثر گھرن جي اندر تقريباً روزانو هزارين مدرسا بنام مدرَسة المدينه (بالِغات) به لڳايا ويندا آهن جنهن ۾ اسلامي ڀنيرون قرآن ِ پاڪ، نَماز ۽ سُنّتن جي مُفت تعليم حاصل ڪنديون ۽ دُعائون ياد ڪنديون آهن۔

 عطا ہو شوق مَوْلیٰ مدرَسے میں آنے جانے کا

خدایا ذوق دے قرآن پڑھنے اور پڑھانے کا