Tilawt e Quran Aur Musilman

Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! قرآٓنِ عظيم اهو مُبارڪ ڪتاب آهي جو جنهن ۾ اللہ  پاڪ ڪيئي اَحڪام نازل فرمايا آهن، انهن مان ڪجهه احڪام اهي آهن جن تي مسلمانن کي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي مثال طور نماز پڙهڻ، زڪوٰة ادا ڪرڻ، رَمضانُ المبارڪ جا روزا رکڻ، اِستِطاعت هئڻ جي صورت ۾ حج اَدا ڪرڻ، والدين جا حق (Rights) ادا ڪرڻ ۽ انهن سان حُسنِ اخلاق سان پيش اچڻ، رشتيدارن سان حُسنِ سُلُوڪ سان پيش اچڻ، عورتن جو شرعي پردو ڪرڻ، مسلمانن کي سلام ڪرڻ، انهن سان نرمي اختيار ڪرڻ جي علاوه ٻيا کوڙ احڪام آهن جن تي عمل جو حڪم ڏنو ويو آهي جڏهن ته چوري ڪرڻ، بدڪاري ڪرڻ، وياج کائڻ، شراب پيئڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، ناجائز ڏيتي ليتي ڪرڻ، بلا وجه ڪنهن تي غُصّو ڪرڻ، ڪنهن کي بُرن لقبن سان پُڪارڻ جي علاوه مزيد ڪيئي بُرن ڪمن کان بچڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔ مطلب ته هن پاڪيزه ڪتاب يعني قرآنِ ڪريم ۾ انهن سڀني شين جو بيان موجود آهي جن تي عمل ڪرڻ جي برڪت سان مسلمانن کي نه صرف دنيا ۾ فائدو پهچندو آهي بلڪه اِنْ شَآءَ اللهعَزَّوَجَلَّ آخرت ۾ به ان جو تمام گھڻو اَجر ۽ ثواب ملندو۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان هنن احڪامن تي خُوش دِلي ۽ پابندي سان عمل ڪريون ته جيئن دنيا ۽ آٓخرت سنورجي وڃي، اچو! هن باري ۾ سيپاري 8 سُوْرَۃُ الْاَنْعَام جي آيت نمبر 155 ۾ ارشادِ خداوندي ٻڌو، جيئن ارشاد آهي :

وَ هٰذَا كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ مُبٰرَكٌ فَاتَّبِعُوْهُ وَ اتَّقُوْا لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوْنَۙ(۱۵۵)

ترجَمو ڪنز الايمان: ۽ هِي برڪت وارو ڪِتاب نازل ڪيوسِين پوءِ توهان اُن