Tilawt e Quran Aur Musilman

Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

ان جي حڪم جي مخالفت ڪندو رهيو، قرآن ان جي مخالفت ڪندي چوندو: اي منهنجا رب! هن منهنجو علم حاصل ڪيو پر اهو نهايت بُرو عالم آهي، هن منهنجي حدود جي خلاف ورزي ڪئي، منهنجي فرضن کي ضائع ڪيو، منهنجي نافرماني ۾ لڳو رهيو ۽ منهنجي اطاعت کي ڇڏي ڏنو۔ قرآن ان تي دلائل سان گڏ الزام لڳائيندو رهندو ايستائين جو چيو ويندو: هن جي باري ۾

تنهنجو معاملو تنهنجي حوالي آهي۔ قرآن ان جو هٿ پڪڙي وٺي ويندو ايستائين جو ان کي جهنم ۾ هڪ چٽان تي منهن ڀر ڪِرائي ڇڏيندو۔

(مصنف ابن ابي شيبه، ڪتاب فضائل القرآن، من قال: يشفع القرآن… الخ، ۷/۱۶۹، حديث:۱ملتقطاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏڪي وڃو! بيان ڪيل حديثن مطابق جيڪي ماڻهو قرآن جي پاسداري نٿا ڪن، قرآنِ پاڪ بروزِ قيامت اللہ  ڪريم جي بارگاھ ۾ اهڙن ماڻهن جي شڪايت (Complain) ڪندو، جيڪي ماڻهو قرآن جي حلال ۽ حرام تي عمل نٿا ڪن اهي ملائڪن جي لعنت جا حقدار ٿيندا آهن۔ اللہ  پاڪ اسان کي قرآنِ ڪريم جي احڪامن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ اسان کي قبر ۽ حشر جي عذاب کان محفوظ رکي، دين ۽ دنيا ۾ عافيت ۽ ڪرم وارو معاملو فرمائي، قرآنِ حڪيم کي اسان جي لاءِ نجات جو ذريعو بڻائي ۽ ان جي برڪت سان اسان کان هميشه راضي رهي۔

ہر کام شریعت کے مطابق میں کروں کاش!     یا رب تو مُبلّغ مجھے سُنّت کا بنا دے

میں جھوٹ نہ بولوں کبھی گالی نہ نکالوں        اللہ مرض سے تو گناہوں کے شفا دے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! قرآنِ پاڪ کي بهتر طريقي سان سمجھڻ، ان جي احڪامن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو شايع ٿيل