Tilawt e Quran Aur Musilman

Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

آواز سان قرآن مجيد پڙھيو وڃي ته تمام حاضرين تي ٻڌڻ فرض آهي، جڏهن ته اهو مجمع قرآنِ مجيد ٻڌڻ جي غرض سان حاضر هجي نه ته هڪ جو ٻڌڻ ڪافي آهي توڙي جو باقي ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ مصروف هجن۔ (صراط الجنان،۱/۲۲)٭مجمعي ۾ سڀئي ماڻهو بلند آواز سان پڙھن اهو حرام آهي جيڪڏهن ڪجھ شخص پڙهڻ وارا هجن ته حڪم آهي ته آهسته پڙھن. (صراط الجنان،۱/۲۲)٭ ٽي ڏينهن کان گھٽ ۾ قرآن ڪريم ختم نه ڪري بلڪ گھٽ مان گھٽ ست ڏينهن يا چاليھ ڏينهن ۾ قرآن ڪريم ختم ڪري ته جيئن معنيٰ و مطلب کي سمجھي تلاوت ڪري۔ (عجائب القرآن ،ص۲۳۸)٭ترتيل سان اطمينان سان ۽ رڪي رڪي تلاوت ڪري۔(عجائب القرآن ،ص۲۳۸)٭ تلاوت جي لاءِ سڀ کان افضل وقت سڄي سال ۾ رمضان شريف جا آخري ڏھ ڏينهن ۽ ذوالحجه جا شروعاتي ڏھ ڏينهن آهن ۔(عجائب القرآن ،ص۲۳۹)٭ رات ۾ تلاوت جو بهترين وقت مغرب ۽ عشاء جي وچ وارو آهي ۽ ان کان پوءِ اڌ رات کان بعد ۽ ڏينهن ۾ سڀ کان بهترين صبح جو وقت آهي۔ (عجائب القرآن ،ص۲۳۹)٭غسل خانو ۽ نجاست جي هنڌن ۾ قرآن شريف پڙھڻ ناجائز آهي۔(جنتي زيور ، ص۳۰۰)٭ رات جي وقت تلاوت جي ڪثرت ڪري ڇوته ان وقت ذهن پرسڪون ۽ دل مطمئن هوندو آهي۔ (عجائب القرآن ،ص۲۳۹)٭بازارن ۽ ڪارخانن ۾ جتي ماڻهو ڪم ۾ لڳل هجن زور سان قرآن شريف پڙھڻ ناجائز آهي۔(جنتي زيور ،ص۳۰۱)٭ جيڪو شخص غلط پڙھندو هجي ته ٻڌڻ واري تي واجب آهي ته ٻڌائي ڇڏي، بشرط هي ته ٻڌائڻ سبب ڪينو ۽ حسد پيدا نه ٿئي۔(صراط الجنان،۱/۲۲)

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل