Tilawt e Quran Aur Musilman

Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

آهن، مسلمان تڪليفن (Troubles) ۽ بلائن کان محفوظ رهندا آهن، قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ دنياوي مال ۽ دولت کان بهتر آهي بلڪ قرآنِ پاڪ جي هڪ اکر پڙهڻ تي 10 نيڪين جو ثواب ملندو آهي۔ ۽ اهو به معلوم ٿيو ته جيڪي ماڻهو اللہ  پاڪ جو ڪلام پڙھندا رهندا آهن انهن جي دلين کي سڪون ۽ اطمينان حاصل ٿيندو آهي، اهڙن خوش نصيب ماڻهن تي انوار و تجليات جي ڇما ڇم برسات ٿيندي آهي، آخرت ۾ انهن کي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو آهي ايستائين جو انهن کي قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ مُطابق جنت جا درجات طئي ڪرايا ويندا۔ تنهنڪري اسان کي روزانو وقت ڪڍي خُوش دِلي سان قرآٓنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ جي عادت (Habit) بڻائڻ گھرجي ته جيئن اسان به قرآنِ پاڪ جون برڪتون حاصل ڪري سگھون۔

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ڪيترا خوش نصيب آهيون جو اللہ  پاڪ اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ماههِ رمضان جون مدني بهارون ڏسڻ نصيب ڪيون، ياد رکو! ماههِ رمضان”ماههِ نزولِ قرآن(قرآن جي نازل ٿيڻ جو مهينو)“ به آهي. جيڪڏهن اسان هن مبارڪ مهيني ۾ به تلاوتِ قرآنِ نه ڪري سگهيا سين ته ڪيتري وڏي محرومي آهي، هي ئي اهو مبارڪ مهينو آهي جو جنهن ۾ نفل جو ثواب فرض جي برابر ۽ فرض جو ثواب 70 ڀيرا وڌايو ويندو آهي. هن مبارڪ مهيني جي اچڻ کان فائدو کڻندي، اچو اسان به نيت ڪريون ٿا ته خاص ڪري ماههِ نزولِ قرآن ۾ ڪثرت سان تلاوتِ قرآن جي سعادت حاصل ڪنداسين. روزانو هڪ وقت مقرر ڪري ڇڏيو مثال طور هن ٽائم کان هن ٽائم تائين مان ايتري قرآن جي تلاوت جي سعادت حاصل ڪندس. حضرت سيدنا عبداللہ  بن عمر رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُما روزانو جي لاءِ تلاوتِ قرآن جي هڪ مقدار مقرر ڪري ڇڏي هئي. ان مقدارِ تلاوت جي بغير پاڻ ڪنهن سان ڳالهه