Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

شان سيدتنا عائشه صديقه

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ        وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                   وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ  (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد اللہ  تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ  ڪري پوءِ جيڪو چاهي (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو)

دُرُود شريف جي فضيلت

اُمُّ الْمؤمنين حضرت سيدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها کان روايت آهي ته نبي رَحمت،شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ شفاعت نشان آهي: ”مَنْ صَلّٰي عَلَي يوْمَ الْجُمُعَة کانَتْ شَفَاعَةُ لَّه عِنْدِي يوْمَ الْقِيامَة يعني جيڪو شخص جُمُعي جي ڏينهن مون تي دُرُود شريف پڙھندو ته بروزِ قيامت ان جي شفاعت منهنجي ذِمَّه ڪرم تي آهي. (ڪنز العمال،ڪتاب الاذڪار،قسم الأقوال،الباب السادس في الصلاة …الخ،الجزء الاول ، ۱ /۲۵۵، حديث:۲۲۳۶)

اُن پردُرود جن کو کَسِ بےکساں کہیں                   اُن پر سَلام جن کو خَبَر بے خَبَر کی ہے