Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

هديو ڏئي طلب فرمايو پاڻ به هن جو مطالعو ڪريو، ٻين اسلامي ڀائرن ۽ خاص ڪري پنهنجي گهر جي اسلامي ڀينرن کي به هن جي ترغيب ڏياريو. هن ڪتاب کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن کي پڙهي به سگهجي ٿو، ڊائون لوڊ (download) ۽ پرنٽ آؤٽ (print out) به ڪري سگهجي ٿو.

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيشڪ نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ربِّ ڪريم بي شمار اِختيار عطا فرمائي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مالِڪ ۽ مُختار بڻايو آهي۔ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ چاهين ها ته بادشاهن واري زِندگي گذاري سگھيا پئي ۽ پنهنجي مبارڪ گھروارين رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهنَّ اَجْمَعِين کي دنيا جون سموريون راحتون ۽ آسائشون فراهم ڪري سگھيا پئي، پر پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڄي زِندگي سادگي، فَقر ۽ تَوَڪل ۽ قَناعت کي اپڻائي رکيو، ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پوءِ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صُحبتِ بابَرَڪت مان فَيضياب ٿيڻ وارن ۽ وارين ۾ هنن خوبين جو فَيضان جاري نه ٿئي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اَزواجِ مُطَهرات رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهنَّ خاص ڪري اُمُّ المُؤمنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صديقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جو شمار به اُن شَخصِيات ۾ ٿيندو آهي جن کي ربِّ ڪريم پنهنجي مَدَني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صَدقي ۾ تَوَڪل ۽ قَناعت جي نعمت کان سَرفراز فرمايو هو۔ اچو! پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي تَوَڪل ۽ قَناعت جي هڪ بهترين جَھلڪ مُلاحَظَه فرمايو،

سَيدَتُنا عائشه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جو مقامِ توڪل

اُمُّ المُؤمنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صِدِّيقَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها بارگاھ رسالت ۾ عَرض ڪيو: يا رَسُولَ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ!، منهنجي لاءِ دعا فرمايو ته اللہ  پاڪ جنّت ۾ مون کي اوهان جي اَزواجِ مُطَهرات ۾ رکي۔ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى