Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: ”جيڪڏهن توهان هن رُتبي جي تمنّا رکو ٿيون ته توهان کي گھرجي ته سڀاڻي جي لاءِ کاڌو بچائي نه رکو ۽ جيستائين ڪنهن ڪپڙي (Cloth) ۾ چتي لڳي سگھي ٿي تيستائين ان کي بيڪار نه سمجھو۔ اُمُّ المؤمنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صِدِّيقَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها فَقر کي مالداري تي ترجيح ڏيڻ جي هن نصيحت تي ايتريون عمل پيرا رهيون جو (سڄي زندگي) ڪڏهن به اڄوڪو کاڌو سڀاڻي جي لاءِ بچائي نه رکيائون۔

(مدارج النبوت،قسم پنجم،باب دوم،ذڪر ازواج مطهرات …الخ،۲/۴۷۲-۴۷۳)

کیوں نہ ہو رُتبہ تمہارا اَہلِ اِیماں میں بڑا      سب تو ہیں مومن مگر ہیں آپ اُمُّ الْمُؤمنین

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! اسان جي پياري اَمڙ سائڻ حضرت سَيدَه عائشه صِدِّيقَه، طَيبَه، طاهره، عَفِيفَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها اِطاعتِ رسول، فَقر ۽ فاقه، زُهد و قَناعت ۽ تَوَڪل جي ڪيتري قدر بُلند دَرَجي تي فائز هيون۔ بيشڪ اهو سڀ صحبتِ مُصطَفٰي ۽ تعليماتِ مُصطَفٰي جون ئي بَرَڪتون هيون جو پاڻ سَرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن عمده نصيحت تي دل ۽ جان سان عمل ڪنديون رهيون ۽ ڪڏهن به اڄوڪو کاڌو اڳئين ڏينهن جي لاءِ بچائي نه رکيائون۔ اڄ اسان به مَحَبَّتِ رسول جي دعويٰ ته ڪيون ٿا پر اسان ماڻهن جو اللہ  پاڪ جي ذات تي توڪل ڪمزور ٿيندو پيو وڃي۔ شايد اهو ئي سبب آهي ته اڄ اسان جي معاشري ۾ هر پاسي مهانگائي جو طوفان بَرپا آهي، کير ۽ کائڻ پيئڻ جي ٻين شين ۾ ملاوٽ عام آهي، رمضان ۽ غير رمضان ۾ شين جون قيمتون وڌائي ڦرڻ جو بازار گرم ڪري مسلمانن کي نقصان پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي، راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جي مُعامَلي ۾ سُستي جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي، ذَخيره اَندوزي پنهنجي عروج تي آهي، وياج، رِشوت، خراب مال ۽ جعلي نوٽن (Fake Currency) جي ڏيتي ليتي زور ۽ شور سان جاري آهي۔