Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

الغرض اڄ اسان جو معاشرو بدقسمتي کان تيزي سان گناهن جي دلدل ۾ ڦاسندو پيو وڃي۔ تنهنڪري عَافيت هن ۾ آهي ته اسان هر نيڪ ۽ جائز ڪم ۾ اللہ  پاڪ جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ جي عادت بڻايون۔ ياد رکو! اللہ  پاڪ جي ذات تي تَوَڪل يعني ڀروسو ڪرڻ کي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فَرضِ عَين قرار ڏنو آهي، اعليٰ حضرت، امام اهلسنَّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: اللہ  پاڪ تي توڪُّل ڪرڻ فرضِ عين آهي۔ (فضائلِ دعا،ص:۲۸۷) اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! توڪُّل ايمان جو روح آهي۔ توڪُّل اهڙو عمل آهي، جيڪو انسان کي اللہ  پاڪ جي قريب ڪندو آهي۔ توڪل مشڪلات ۽ پريشانين ۾ ٻانهي کي اِستِقامت سان انهن جي مُقابلي جي قُوّت (Power) ڏيندو آهي۔ مُصيبتن ۾ توڪُّل ئي انسان جون اُميدون بيدار ڪرڻ جو سبب ٿيندو آهي۔ اچو! هاڻي تَوَڪل جو مفهوم به ٻڌي وٺون ٿا ته تَوَڪل مان مراد ڇا آهي،

تَوَڪل جي معنيٰ ۽ مفهوم

       تفسير”صِراطُ الْجِنان“جلد3 صَفحي نمبر 520 تي آهي:حضرت سَيدُنا امام فَخْرُ الدِّين رازي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: توڪُّل جي هي معني ناهي ته انسان پنهنجي پاڻ کي ۽ پنهنجي ڪوششن کي بيڪار ۽ فُضول سمجھي ڇڏي ڏي جيئن ته بعض جاهل چون ٿا. بلڪ توڪُّل هي آهي ته انسان ظاهري اسباب کي اختيار ڪري پر دل سان انهن سببن تي ڀروسو نه ڪري بلڪ اللہ  تعاليٰ جي مدد ان جي تائيد ۽ ان جي حمايت تي ڀروسو ڪري۔ (تفسير ڪبير، اٰل عمران، تحت الآيۃ: ۱۵۹، ۳/۴۱۰) هن ڳالھ جي تائيد هن حديث پاڪ مان به ٿئي ٿي:

      حضرت سيدنا انس رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا: هڪ شخص عرض ڪيو: يا رَسُولُ اللہ ! صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ، مان پنهنجي اُٺ کي ٻڌي توڪُّل ڪيان يا ان کي کليو ڇڏي توڪُّل ڪيان؟ ارشاد فرمايائون: توهان ان کي ٻڌي پوءِ توڪُّل ڪريو۔ (ترمذي، ڪتاب صفۃ يوم القيامۃ، ۴/۲۳۲، الحديث: ۲۵۲۵) يعني توڪُّل ان شيء جو نالو آهي ته ڪنهن به ڪم جي ڪرڻ ۾ اسباب سنتِ مُصطفيٰ سمجھي اختيار ڪيا وڃن