Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

ان کان پوءِ نتيجو اللہ  ربُّ العزت عَزَّوَجَلَّ تي ڇڏڻ گھرجي۔ اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا: توڪُّل ترڪِ اَسباب جو نالو ناهي بلڪ اسباب تي اِعتماد جو ترڪ (اعتماد نه ڪرڻ) توڪُّل آهي۔ (فتاويٰ رضويه،۲۴/۳۷۹، ملخصاً) يعني اسباب کي ڇڏي ڏيڻ توڪُّل ناهي بلڪ اَسباب تي اِعتماد نه ڪرڻ ۽ ربّ تعاليٰ جي ذات تي اعتماد ڪرڻ جو نالو توڪُّل آهي۔

ضرورت سے زِیادہ مال و دولت کا نہیں طالب        رہے بس آپ کی نظرِ عنایت یارسولَالله!

رہیں سب شاد گھر والے شہا تھوڑی سی روزی پر      عطا ہو دولتِ صبر و قناعت یارسولَالله!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اُمّ المُؤمنين سَيده عائشه صِدِّيقَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي سيرت جو هڪ روشن باب هي به آهي ته پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جهڙي طرح فرض روزن جي پابند هيون اهڙي طرح پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها نفلي روزا به ڪثرت سان رکنديون هيون، گرمي ڀلي ڪيتري ئي شديد هجي پر پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها گرمي جي پروا ڪرڻ بغير رضاءِ الٰهي جي لاءِ اِنتهائي گرم موسم ۾ به نه صِرف روزو رکنديون هيون بلڪه اِستقامت سان ان کي پورو به ڪنديون هيون۔ اچو! ترغيب طور هڪ واقعو ٻڌو ۽ نفل روزا رکڻ جي نِيت ڪريو،

گرمي جي شِدّت ۾ به روزو

حضرت سيدُنا عبدُالرَّحمٰن بن ابو بَڪر رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما عَرَفه جي ڏينهن حضرت سيدَتُنا عائشه صِدِّيقَه، عابِده، زاهده رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها وٽ آيا ته پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها روزي سان هيون ۽ (گرمي جي شدَّت سبب) پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها تي پاڻي جو ڇڙڪائو ڪيو پئي ويو۔ حضرت سيدُنا عبدُالرَّحمنرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها کي عَرض ڪيو: اِفطار ڪريو۔ پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها فرمايائون: ڇا مان اِفطار ڪيان؟ جڏهن ته مون رسولُ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هي فرمائيندي ٻڌو آهي ته بيشڪ عَرَفَه جي ڏينهن