Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

جو روزو هڪ سال جي اڳوڻن گُناهن جو ڪفارو آهي۔

                                               (مسند احمد،مسند عائشه رضي الله عنھا،۹/۴۴۸ ، حديث: ۲۵۰۲۴)

ناز برداری تمہاری کیوں نہ فرماوے خدا     نازنینِ حق نبی ہیں تم نبی کی نازنین

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! اُمُّ المُؤمنين سَيدَه عائشه صِدِّيقَه، عابِده، زاهدهرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي نفل روزن جو مَدَني جذبو ۽ سندن اِستقامت مرحبا! شديد گرمين جو موسم آهي، ۽ گرمي جي حرارت جي سبب پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها تي پاڻي جو ڇڙڪائو ڪيو پيو وڃي پر قربان ٿجي! هن جي باوُجود پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها روزي کي پورو ڪيو۔ اي! ڪاش! نفل روزن جو اهو مَدَني جذبو اسان کي به نصيب ٿي وڃي ۽ اسان به سردي ۽ گرمي جي پروا ڪرڻ بغير رِضاءِ الٰهي جي لاءِ نفل روزا رکڻ وارا بڻجي وڃون۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ جو مهينو جاري ۽ ساري آهي، ان کان پوءِ شوال المڪرم جي آمد آمد آهي. خوش نصيب مسلمان هن مهيني ۾ 6 روزا رکڻ جي سعادت حاصل ڪندا ۽ ان جون برڪتون ماڻيندا آهن. اچو! اسان به ڇهه 6 عيد(يعني شوال المڪرم) جي روزن جا فضائل ٻڌو ٿا ته جيئن اسان کي به هي روزا رکڻ جي ۽ ان جي برڪتن سان فيضياب ٿيڻ جي سعادت نصيب ٿئي، جيئن

  6 عيد جي روزن جا فضائل

1. ارشاد فرمايائون: جنهن رمضان جا روزا رکيا وري ڇهه(6) ڏينهن شوال ۾ رکيا پوءِ گناهن کان ائين نڪري ويو جيئن اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي (مجمع الزوائد،ڪتاب الصيام،....الخ3/425،حديث: 5102)

2. ارشاد فرمايائون: جنهن رمضان جا روزا رکيا وري ان کان پوءِ ڇهه(6) شوال ۾ رکيا. پوءِ ائين آهي ڄڻ دهر(يعني سڄي عمر) جو روزو رکيو. (مسلم،ڪتاب الصيام،