Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

الخ...،ص 592، حديث: 2758)

3. ارشاد فرمايائون: جنهن عيد الفطر کان پوءِ (شوال ۾) ڇهه 6 روزا رکيا ته ان پوري سال جا روزا رکيا ته جيڪو هڪ نيڪي آڻيندو ان کي ڏهه(10) ملنديون.  (ابن ماجه، ڪتاب الصيام...الخ، 2/333،حديث: 1715)

حضرت علامه مولانا مفتي محمد خليل خان قادري برڪاتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  فرمائن ٿا: هي روزا عيد کان پوءِ لڳاتار رکيا وڃن تڏهن به مضائقو ناهي ۽ بهتر هي آهي ته جدا جدا رکيا وڃن يعني هر هفتي ۾ ٻه(2) روزا ۽ عيد الفطر جي ٻي ڏهاڙي هڪ روزو رکي ۽ پوري مهيني ۾ رکي ته اڃان به وڌيڪ مناسب معلوم ٿئي ٿو. (سني بهشتي زيور، ص 347) مطلب ته عيد الفطر جو ڏينهن ڇڏي سڄي مهيني ۾ جڏهن چاهيو ڇهه 6 عيد جا روزا رکي سگهو ٿا. تنهنڪري سڀئي اسلامي ڀائر هي نيت ڪيو ته جيڪڏهن زندگي سلامت رهي ته 6 عيد جا روزا رکي هنن جون برڪتون حاصل ڪنداسين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ، ٻين کي به هي روزا رکڻ جي ڀرپور ترغيب ڏيارينداسين. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مدرسة المدينه بالغان“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به نفلي روزن جو جذبو وڌائڻ ۽ هن تي اِستقامت چاهيون ٿا ته اسان کي گھرجي ته اسان عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان هردم وابسته ٿي پنهنجي مصروفيتن مان ڪجھ نه ڪجھ وَقت ((Time ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن جي لاءِ به ڪڍون۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هنن مَدَني ڪمن ۾ شُمُولِيت جي بَرَڪت سان اسان نفلي عبادتون ادا ڪرڻ جا عادي بڻجي وينداسين، فرائض ۽ واجبات ۽ سُنَن و مُستَحَبَّات تي عمل جو جذبو ملندو، نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري سُنّت تي عمل جو موقعو ملندو، عاشقانِ رسول جي صحبت مُيسَّر ٿيندي، نيڪ