Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

عملن تي اِستقامت نصيب ٿيندي۔

ياد رهي! 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مَدرَسة المدينه بالِغان“ ۾ پڙھڻ يا پڙھائڻ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان دُرُست قرآنِ ڪريم پڙھڻ نصيب ٿيندو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان نماز، وُضو ۽ غُسْل وغيره ضروري اسلامي اَحڪام سکڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، ٭ مَدْرَسة المدينه بالِغان ۾ حاضِري جي بَرَڪت سان چڱي صُحبت مُيسّر ٿيندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ پڙھائڻ جي سعادت ملندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان عِلمِ دِين جي دَولت نصيب ٿيندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان مَدَني اِنعامات تي عمل جو جذبو ملندو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان چڱا اَخلاق اپڻائڻ جو موقعو ملندو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو آهي. اچو! مَدرَسة المدينه بالِغان ۾ پڙھڻ جي بَرَڪت تي مُشتَمِل هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

بدنگاهي جي عادت کان نجات ملي وئي

بابُ المدينه (ڪراچي) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان فلمون ڊِراما ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ ۽ بدنگاهي ڪرڻ جو عادِي هو، نمازن جي پابندي جو به ذِهن نه هو۔ ڪنهن اسلامي ڀاءُ اِنفِرادي ڪوشِش ڪندي ان کي مَدرَسة المدينه (بالِغان) ۾ شِرڪت جي دعوت ڏني، اُن مَدرَسة المدينه (بالِغان) ۾ پڙھڻ شُروع ڪيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدرَسة المدينه (بالِغان) جي بَرَڪت سان هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماع ۾ شِرڪت جو معمول بَڻجي ويو ۽ هو اَميرِاَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه  جو مُرِيد ٿي نمازي ۽ مسجد ۾ دَرس ڏيڻ وارو بڻجي ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ فلمون ڊراما، گانا باجا، بدنگاهي وغيره گناهن کي ڇڏي ڏنائين ۽ پنهنجي گھر وارن تي به اِنفِرادي ڪوشِش ڪندي اُنهن کي به نمازي بڻائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن۔