Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ     تم آجاؤ دیگا سِکھا مَدَنی ماحول

بُری صُحبتوں سے کَنارہ کَشی کر     کے اچھوں کے پاس آکے پا مَدَنی ماحول

سَنور جائے گی آخِرت اِنْ شَآءَ اللہ   تم اپنائے رکھو سَدا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ     گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عائشه صِدِّيقَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي سخاوت ۽ ايثار جو انداز

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اُمّ المؤمنين سَيدَه عائشه صِدِّيقَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها سخاوت ۽ ايثار جي مَدَني جذبي سان به سَرشار هيون، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي سخاوت ۽ اِيثار جو هي عالَم هوندو هو جو پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها پنهنجي ضرورت جون شيون به راھ خدا ۾ خَيرات ڪنديون هيون ۽ پنهنجي لاءِ ڪجھ به بچائي نه رکنديون هيون۔ اچو! پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي سخاوت ۽ ايثار تي مُشتَمِل 2 اِيمان افروز واقعا ٻڌو ۽ راھ خدا ۾ خَرچ ڪرڻ جو جذبو پنهنجي اندر بيدار ڪريو،

هڪ لک درهم خَيرات ڪري ڇڏيا!

حضرت سَيدَتُنا اُمِّ دُرّه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها فرمائن ٿيون، مان حضرت سَيدَتُنا عائشه صِدِّيقَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها وٽ هيس، ان وَقت هڪ لک دِرهم ڪٿان کان سندن خدمت ۾ آيا، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها انهيءَ وَقت اُهي سڀ درهم ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيا ۽ هڪ درهم به گھر ۾ باقي نه ڇڏيو۔ اُن ڏينهن مان ۽ هوءَ روزيدار هيون سين، مون عَرض ڪيو، اوهان سڀئي درهم ورهائي ڇڏيا ۽ هڪ درهم به باقي نه رکيو ته جيئن توهان گوشت خريدي روزو اِفطار ڪيو ها؟ پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جن اِرشاد فرمايو: توهان جيڪڏهن مون کي پهريان چئو ها ته مان هڪ درهم جو گوشت گھرائي وٺان ها۔ (شرح زرقاني علي المواهب، حضرت عائشة ام المؤمنين ،۴/۳۸۹- ۳۹۲)