Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

ڪري ٿو۔ اچو! هن نعمتِ عُظميٰ کي ماڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ پنهنجي صدقاتِ واجِبه ۽ نافِله جي ذريعي دعوتِ اسلامي جي تحت قائم مدارِس ۽ جامعات جي تَرَقِّي ۾ خوب خوب تعاوُن فرمايون، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي تقريبًا 104 شعبن ۾ دين متين جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي، انهن مان هڪ شعبو ”مجلس مزاراتِ اولياء“ به آهي، هن مجلس جا ذميدار ٻين مدني ڪمن سان گڏوگڏ بزرگانِ دين جي مزاراتِ مبارڪه تي حاضر ٿي مختلف ديني خدمتون سر انجام ڏيندا آهن. مثال طور حتي المقدور صاحبِ مزار جي عرس جي موقعي تي اجتماعِ ذڪرونعت جو انعقاد ڪندا آهن، مزارات سان متصل مسجدن ۾ عاشقانِ رسول جي مدني قافلن جو سفر ڪرائڻ ۽ بالخصوص عُرس جي ڏينهن ۾ مزار شريف جي احاطي ۾ سنتن ڀريو مدني حلقو لڳائيندا آهن، جن ۾ وضو، غسل، تيمم، نماز ۽ ايصالِ ثواب جو طريقو، مزارات تي حاضري جا آداب ۽ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتون سيکاريون وينديون آهن زيارت ڪرڻ وارن کي دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت، مدني قافلن ۾ سفر ۽ مدني انعامات تي عمل جي ترغيب به ڏياري ويندي آهي، عرس جي ڏينهن ۾ صاحبِ مزار جي خدمت ۾ ڪيترائي ايصالِ ثواب جا تحفا پيش ڪرڻ پڻ صاحبِ مزار بزرگ جي سجاده نشين، خلفا ۽ مزارات جي متولي صاحبان سان وقت بوقت ملاقات ڪري انهن کي دعوتِ اسلامي جي خدمات، جامعات المدينه ۽ مدارسُ المدينه ۽ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ٿيڻ واري مدني ڪمن کان آگاهه ڪندي آهي. اللہ  پاڪ”مجلس مزاراتِ اَولِيا“ جي ڪاوِشن کي پنهنجي بارگاھ ۾ قَبول فرمائي. اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں     اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حبيبه محبوبِ خدا، سَيده عائشه صِدِّيقَهرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جو