Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

شمار اللہ  پاڪ جي اُنهن مُقَرَّب ترين وَلِيّات ۾ ٿيندو آهي جن جي سڄي زندگي عبادت ۽ رِياضت ۾ گذري۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ جهڙي نموني رسولِ اڪرم
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ نمازِ پنجگانه جي عِلاوه نمازِ اِشراق، نمازِ چاشت، تَحِية الوُضُوء، تَحِية المَسجد، صَلٰوة الاَوَّابِين وغيره نفل ادا ڪندا هئا، راتين جو بيدار ٿي نمازون ادا ڪندا هئا، سڄي ڄمار تَهجُّد نماز جا پابند رهيا، اهڙي طرح پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها به گھر جو ڪم ڪار ۽ سَروَرِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت گذاري سان گڏوگڏ پابندي سان نمازِ تَهجُّد ۽ نماز ِچاشت جي ادائيگي جو به اِهتمام ڪنديون هيون، جيئن

نمازِتَهجُّد جي پابندي

دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”سيرت مصطفٰي“ صفحي نمبر 666 تي آهي ته عبادت ۾ به پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جو رُتبو نهايت ئي بُلند آهي، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي ڀائيٽي حضرت سَيدُنا اِمام قاسِم بن مُحَمَّد بن ابُوبَڪر صِدِّيق رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهم جو بَيان آهي ته حضرت سيدَتُنا عائشه صِدِّيقَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها روزانو بِلاناغه نمازِ تَهجُّد پڙھڻ جون پابند هيون ۽ اڪثر روزي سان رهنديون هيون۔    (سيرتِ مُصطفٰے، ص۶۶۰)

نمازِ چاشت سان مَحَبَّت

پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها نمازِ چاشت جون اٺ (8) رَڪعتون پڙھنديون هيون، پوءِ فرمائينديون هيون: ”جيڪڏهن منهنجا ماءُ پيءُ اُٿارايا به وڃن تڏهن به مان اهي رڪعتون نه ڇڏيان۔   (مؤطّا امام مالڪ،ڪتاب قصر الصلاة في السفر ،باب صلاة الضُّحي،ص۱۵۳،حديث:۳۶۶)

حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي اَحمد يارخان نعيميرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه بَيان ڪيل ٻي حديثِ پاڪ تحت فرمائن ٿا: يعني جيڪڏهن اِشراق جي وَقت مون کي خَبر ملي ته منهنجا والِدَين زِنده ٿي موٽي آيا آهن ته مان اُنهن جي مُلاقات جي لاءِ