Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

اهي نَفل نه ڇڏيان بلڪ پهريان اهي نَفل پڙھان، پوءِ انهن جي قدَم بوسي ڪيان۔ (مرآة المناجيح، ۲/۲۹۹)

میں پڑھتا رہوں سُنَّتیں، وَقْت ہی پر     ہوں سارے نوافِل ادا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! اُمُّ المؤ منينرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جو نَفْل عبادات جي ادائيگي جو جذبو مرحبا! ٿورو غور ڪريو! جن جو شان قرآنِ ڪريم ۾ بَيان ٿيو، جن جي ساراھ حديث سڳورين ۾ بَيان ٿي، جيڪا پنهنجي وَقت جي عالِمه، مُفتِيه، فَقِيھَه، مُحَدِّثَه ۽ مُفَسِّرَه چيون وڃن، بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهم اجمعين جن جو شان ۽ عظمت بيان ڪن، فرض ته فرض، تَهجُّد ۽ چاشت جا نفل ڇڏڻ به اُنهن کي پسند نه هو۔ پر اڄ اسان جي حالت اها آهي جو نَفل نماز ته رهي پري جي ڳالھ! اسان کان ته فَرض نمازون به ادا نٿيون ٿين، اسان ته جُمعي جي نماز جي لاءِ به ان وَقت گھران نڪرندا آهيون جڏهن جماعت بيهڻ ۾ رڳو ڪجھ منٽ باقي رهجي ويندا آهن، پوءِ جيئن ئي اِمام سلام ورائيندو آهي يا پهرين دعا گھري فارغ ٿيندو آهي، اڌ کان وڌيڪ مسجد نمازين کان خالي ٿي ويندي آهي جمعي کان پوءِ جون سنتون ۽ نوافل به پڙهڻ گهرجن. هاءِ! اسان کي ڇا ٿي ويو آهي؟، ڇو اسان عبادتن کان پري ڀڄڻ لڳا آهيون، ڇو اسان ربِّ ڪريم ۽ رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَحڪامن جي بجا آوري ۾ سُستي جو شڪار آهيون؟ ڇو اسان مان نَفل عبادتن جو جذبو ختم ٿيندو پيو وڃي؟ ڇو اسان روزن جي معامَلي ۾ حيلن بهانن سان ڪم وٺندا آهيون؟، آخر ڇو اسان جون مسجدون ويران نظر اچي رهيون آهن؟، ڇا اسان اللہ  پاڪ جي خُفيه تدبير کان اَمان ماڻي چڪا آهيون؟، ڇا اسان کي بخشش جو پروانو ملي چڪو آهي؟ ڇا اسان جو اَعمال نامو نيڪين ((Virtues سان ڀرپُور آهي؟، ڇا اسان کي نيڪين