Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

جي حاجت ناهي رهي؟، ڇا اسان کي هن ڳالھ جو مُڪمَّل يقين ٿي چڪو ته اسان دنيا مان اِيمان سلامت کڻي وينداسين؟، ڇا اسان نَزع جي سختين کي برداشت ڪري سگھنداسين؟، ڇا شريعت جي نافرماني ڪري اسان اونداھي قَبر ۾ آرام ڪري سگھنداسين؟ ڇا اسان قَبر ۽ مَحشَر جي سُوالن ۾ ڪاميابي ماڻي سگھنداسين۔؟

يقيناً اسان مان ڪنهن کي به اهو معلوم نه آهي، لهٰذا هن مختصر زندگي کي غنيمت سمجھندي ان جي قَدر ڪرن گهرجي، خوش فهمي جي ڄار مان نڪرو ۽ پنهنجو پاڻ کي فرض ۽ واجبات جي پابندي سان گڏوگڏ نَفل عبادتن جي ادائيگي جو به عادي بڻائڻ گهرجي۔ پنهنجو پاڻ کي فرائض ۽ واجبات ۽ نفل جو عادي بڻائڻ جي لاءِ شَيخِ طريقت، اَميرِ اَهلسُنّت حضرت علّامه مَولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه  جي عطا ڪيل ”72 مَدَني اِنعامات“ تي عمل ڪندي روزانو فِڪرِ مدينه ڪرڻ اِنتهائي فائديمند عمل آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هن جي مطابِق عمل ڪرڻ جي بَرَڪت سان اسان نه صِرف فرض ۽ واجب بلڪه ڪيئي سُنتن ۽ مُسْتَحَبّن تي آساني سان عمل ڪري سگھون ٿا۔ اچو! ترغيب طور ڪجھ مَدَني اِنعامات جي باري ۾ ٻڌي عمل جي نِيت ڪريون ٿا،

مَدَني اِنعام نمبر 2 ۾ آهي: ڇا اڄ توهان پنج ئي نمازون مسجد جي پهـرين صـف ۾ تڪبير اُوليٰ سان باجماعت ادا ڪيون؟ ۽ هر ڀيري ڪنهن هڪ کي پاڻ سان گڏ مسجـد وٺي وڃڻ جي ڪوشـش فرمائي؟                                                      

مَدَني اِنعام نمبر 16 ۾ آهي: ڇا اڄ توهان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو (بهتر هي آهي ته سمهڻ کان اڳ) صلوٰة التوبه پڙهي ڪري سڄي ڏينهن جي بلڪ پوئين تمام گناهن کان توبه ڪري ورتي؟ ۽ خدانخواسته گناهه ٿيڻ جي صورت ۾ فوراً توبه ڪري آئنده اهي گناهه نه ڪرڻ جو عهد ڪيو؟

 مَدَني اِنعام نمبر 18 ۾ آهي: ڇا اڄ توهان فجر، ظهر، عصر ۽ عشاء جي سنتِ