Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

سَيده عائشه صِدِّيقَهرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جون فضيلتون ريت جي ذرّن ۽ آسمان جي تارن جيان بي شُمار آهن۔ ٭ سَيده عائشه صِدِّيقَهرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها پنهنجي زماني جي عالِمه، مُفتِيه، فَقِيهه، مُحَدِّثَه ۽ مُفَسِّرَه هيون۔ ٭ سَيده عائشه صِدِّيقَهرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها رسولِ اَڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حبيبه آهن۔ ٭ سَيده عائشه صِدِّيقَهرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها اِطاعتِ رسول، فَقر ۽ فاقي ۽ تَوَڪل جهڙين خوبين سان آراسته هيون۔ ٭ سَيده عائشه صِدِّيقَهرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها سخت ترين گرمين ۾ به روزا رکنديون هيون۔ ٭ سَيده عائشه صِدِّيقَهرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها اِيثار ۽ سخاوت جي لازوال دَولت سان مالا مال هيون۔ ٭ سَيده عائشه صِدِّيقَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها نَفل عبادت جون به گھڻيون پابند هيون۔ اللہ  ڪريم سَيده عائشه صِدِّيقَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي طُفيل اسان کي به عبادت جو ذَوق ۽ شَوق نصيب فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سُنّتیں عام کریں دِین کا ہم کام کریں                              نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵