Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

جنازي جون سُنّتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! شَيخِ طريقت،اَميرِاَهلسُنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”مڙدي جا صدما“ مان جنازي جون سُنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: پهريان 2 فرمانِ مصطَفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحَظَه ڪريو: (1) جڏهن ڪو جنّتي شخص فوت ٿي ويندو آهي ته الله پاڪ حياء ڪندو آهي ته انهن ماڻهن کي عذاب ڏئي جيڪي ان جو جنازو کڻي هليا ۽ جيڪي ان جي پٺيان هليا ۽ جن ان جي جنازي نماز ادا ڪئي۔ (فِردَوس الْاخبار،۱/۲۸۲،حديث ۱۱۰۸) (2) مؤمن ٻانهي کي مرڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين جزا اها ڏني ويندي جو ان جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ وارن جي بخشش ڪئي ويندي آهي۔ (مُسندُ البزار، ۱۱/ ۸۶، حديث: ۴۷۹۶)  ٭ جنازي نماز ۾ رضاءِ الٰهي فرض جي ادائيگي، ميت ۽ ان جي عزيزن جي دلجوئي وغيره سٺين سٺين نيتن سان شرڪت ڪرڻ گھرجي. ٭ جنازي سان گڏ ويندي پنهنجي انجام جي باري ۾ سوچيندا رهو ته جيئن اڄ ان کي وٺي هليا آهن، اهڙي طرح هڪ ڏينهن مون کي به نيو ويندو، جهڙي طرح ان کي مٽي جي مڻن هيٺ دفن ڪيو وڃڻ وارو آهي، اهڙي طرح مون کي به دفنايو ويندو، اهڙي طرح غورو فڪر ڪرڻ عبادت ۽ ثواب جو ڪم آهي. ٭ جنازي کي ڪلهو ڏيڻ ثواب جو ڪم آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي؛ جيڪو جنازي کي چاليھ قدم کڻي هلي، ان جا چاليھ ڪبيره گناھ معاف ڪيا ويندا ۽ هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي؛ جيڪو جنازي جي چئني پاون کي ڪلهو ڏيندو، الله عَزَّوَجَلَّ ان جي مستقل بخشش فرمائي ڇڏيندو۔ (جوهره، ص۱۳۹، دُرِّمُختار،۳/۱۵۸،۱۵۹،بهارِ شريعت،۱/۸۲۳) ٭ سنّت هي آهي ته هڪ ٻئي پٺيان چئني پاون کي ڪلهو ڏئي ۽ هر ڀيري ڏھ ڏھ قدم هلي۔ پوري سنّت هي آهي ته پهريان ساڄي پاسي جي سيراندي کي ڪلهو ڏي پوءِ ساڄي پيراندي کي، بعد ۾ کاٻي سيراندي کي ۽ پوءِ کاٻي پيراندي کي ۽ ڏھ ڏھ قدم هلي ته ڪل چاليھ قدم ٿيا۔