Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

(عالمگيري،۱/۱۶۲،بهارِشريعت،۱/۸۲۲) ٭ جنازي کي ڪلهو ڏيڻ وقت ڄاڻي واڻي ايذاء ڏيڻ واري انداز ۾ ماڻهن کي ڌڪا ڏيڻ جيئن ڪي ماڻهو ڪنهن شخصيت جي جنازي ۾ ڪندا آهن اهو ناجائز ۽ حرام ۽ جھنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. ٭ مڙس پنهنجي گھرواريءَ جي جنازي کي ڪلهو به ڏئي سگهي ٿو، قبر ۾ به لاهي سگهي ٿو ۽ منهن به ڏسي سگهي ٿو، صرف غسل ڏيڻ ۽ بنا رُڪاوٽ جي جسم ڇهڻ جي منع آهي۔ (بهارِشريعت،۱/۸۱۲،۸۱۳) ٭ جنازي سان گڏ بلند آواز سان ڪلمو شريف يا ڪلمو شهادت يا حمد ۽ نعت وغيره پڙهڻ جائز آهي۔ (فتاويٰ رضويه،۹/۱۳۹تا۱۵۸)

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي..

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد