Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

سڀئي اعليٰ دَرَجي جون وَليه آهن، نهايت عُمده صِفتن کان آراسته، عِلم ۽ عمل جون حقيقي آئينه دار ۽ اُمّت جون مائرون آهن، پر هنن مبارَڪ هستين ۾ اُمُّ المُؤمنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي ذاتِ مُقَدَّسه جي حَيثِيت هڪ روشن سج جيان آهي۔ نگاھ مُصطَفٰي جي بدولت پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها زماني جي عالِمه، مُفتِيه، مُحَدِّثه ۽ مُفَسِّره مشهور ٿيون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پاڻ اهي خوش قسمت خاتون آهن جن کي نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وصالِ ظاهري جي وَقت به رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحبتِ بابَرَڪت مان فَيضياب ٿيڻ جو شَرَف حاصِل ٿيو، جيئن

خُصُوصي رَفاقت ۽ قُربَتِ مُصطفٰي

اُمُّ المُؤمنين حضرت سيدَتُنا عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها (نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دُنيا جي آخري گھڙين جي ڪيفِيت بَيان ڪندي) فرمائن ٿيون: (جڏهن مزاجِ رسول مَرَض جي شِدَّت سبب تڪليف مَحسُوس ڪري رهيا هئا (ان وَقت) مون وٽ منهنجا ڀاءُ حضرت عبدُالرَّحمٰن رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه آيا، اُن جي هٿ ۾ مِسواڪ هئي۔ منهنجا سرتاج، صاحبِ مِعراج صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُن ڏانهن ڏسڻ لڳا۔ مون کي خبر هئي ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مِسواڪ گھڻو پسند ڪندا آهن۔ مون عَرض ڪيو: ڇا اوهان جي لاءِ مِسواڪ وٺان؟ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مٿي مُبارَڪ سان هائو جو اِشارو ڪيو ته مون حضرت عبدُالرَّحمٰن رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کان مِسواڪ ورتي، اها پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سَخت محسوس ٿي۔ مون عَرض ڪيو: ڇا مان هن کي نرم ڪيان؟ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مٿي جي اشاري سان فرمايائون: هائو۔ مون مسواڪ (چَٻاڙي) نرم ڪئي۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سامهون پاڻي (Water) جو هڪ پِيالو هو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان ۾ هٿ مبارڪ داخل ڪندا هئا ۽ پنهنجي چهري اَنوَر تي مَس ڪندا ۽ فرمائيندا هئا:
لَآ اِلٰه اِلَّا اللّٰه،اِنَّ لِلْمَوْتِ سَکرَاتٍ يعني اللہ  پاڪ جي علاوه ڪو معبود ناهي، بيشڪ مَوت جي لاءِ سختيون آهن۔ پوءِ پنهنجو دستِ اَقدَس بلند ڪري عَرض ڪرڻ