Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

لڳا: فِي الرَّفِيقِ الْاَعْلٰي يعني رفيقِ اعليٰ ۾ (هتي رفيق اعلٰي مان مراد ملائڪ آهن)۔ ايستائين جو سندن وِصال ٿي ويو۔ (بخاري،ڪتاب المغازي،باب مرض النبي ووفاته،۳ /۱۵۷، حديث:۴۴۴۹ ملتقطا)

جن کا پہلو ہو نبی کی آخری آرام گاہ        جن کے حُجرے میں قِیامت تک نبی ہوں جاگُزیں

آستاں اُن کا فِرِشتوں کی زِیارت گاہ ہے      کیونکہ اُس میں جَلْوَہ فرما ہیں اِمامُ الْمُرْسَلِیْن

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان! حضرت سَيدتنا عائشه صديقه،طَيبَه، طاهره، عَفِيفَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جو رتبو بارگاھ رسالتِ مآب ۾ ڪيتري قدر اعليٰ ۽ اوچو آهي، جن کي نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نه صرف ظاهري حياتي ۾ خاص قُرب نصيب ٿيو، بلڪ وِصالِ ظاهري جي وَقت به خُصوصي قُرب ۽ رَفاقت ماڻڻ جو مُنفَرِد اِعزاز (Honour) به سندن حِصّي ۾ آيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ حضرت سيدَتُنا عائشه صِدِّيقهرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها سڄي زِندگي هن اِحسان ۽ شُڪر کي ياد رکيو ۽ تحديثِ نعمت جي لاءِ پنهنجي هن عزَّت ۽ عظَمت کي بَيان به فرمايو، جيئن

ڏھه (10) فضيلتون

پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها فرمائن ٿيون: مون کي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَزواجِ مُطَهرات رِضْوَانُ اللّٰه تَعَالٰى عَلَيهنَّ اَجْمَعِين تي 10 فضيلتون عطا ڪيون ويون آهن: عَرض ڪيو ويو، يا اُمَّ المُؤمنين! اهي ڏھ (10) فضيلتون ڪهڙيون آهن؟ اِرشاد فرمايائون:

       (1)نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي عِلاوه ڪڏهن ڪنهن ڪنواري عَورت سان نِڪاح نه ڪيائون۔ (2) منهنجي عِلاوه اَزواجِ مُطَهرات رِضْوَانُ اللّٰه تَعَالٰى عَلَيهنَّ اَجْمَعِين مان ڪا به اهڙي نه آهي جنهن جي ماءُ پيءُ ٻئي مُهاجِر (هجرت ڪرڻ وارا) هجن۔ (3) اللہ  پاڪ منهنجي پاڪ دامَني جو بَيان آسمان مان (قُرآن ۾) نازِل فرمايو۔ (4) (نِڪاح کان پهريان) حضرت سَيدُنا جِبرِيل عَلَيه السَّلَام هڪ رَيشمي