Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

زَوجِيت ۽ قِيامت تائين جي لاءِ ايندڙ مومنن جي ماءُ ٿيڻ جي مُقَدَّس شَرَف سان سَرفراز ٿيڻ جي سعادت ملي، ربِّ ڪريم پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها تي نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ٻين اَزواجِ مُطَهرات کان وڌيڪ اِنعام ۽ اِڪرام جون بارشون فرمايون۔ پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي شان ۽ عظمت جو سَمنڊ ايترو گهرو آهي جنهن جي گهرائي ۾ اُترڻ واري کي هميشه ناياب ۽ نادر موتي (Pearls) ئي ملندا آهن۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي زبانِ حقِّ ترجمان سان سندن فضيلتن ۽ مناقب کي وڏي ئي شاندار انداز ۾ بَيان فرمايو آهي۔ اچو! سيده عائشه صِدِّيقَه، طَيبَه، طاهره، عَفِيفَهرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي شان ۽ عظمت تي مشتمل 4 اَحاديثِ مبارَڪه ٻڌو ۽ جُھومو، جيئن

شانِ عائشه بزبانِ حبيبِ ڪبريا

(1) نبي رَحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اُمُّ المؤمنين حضرت سيدَتُنا عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي باري ۾ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي اِرشاد فرمايائون: توهان پنهنجو ٻه ٽهائي دين هن حُمَيرا (يعني حضرت عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها) وٽان حاصِل ڪريو۔ (تفسيرڪبير،پ۳۰،القدر،تحت الآية:۳،۱۱ /۲۳۲)

(2) حُضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سَيده فاطِمَه زَهرا رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها کي فرمايو: اي فاطِمَه! ڇا تون ان سان مَحَبَّت نه ڪندينءَ جنهن سان مان مَحَبَّت ڪيان ٿو؟ سَيدَه فاطِمَه زهرارَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها عَرض ڪيو: ڇو نه۔ هن تي حُضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: عائشه(رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها) سان مَحَبَّت رک۔

                             (مسلم،ڪتاب فضائل الصحابة،باب في فضل عائشة،ص۱۰۱۷، حديث:۲۴۴۲ ملتقطاً)

(3) نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي پياري شهزادي حضرت سَيدَه فاطِمَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها کي مُخاطب ڪري اِرشاد فرمايائون: ربِّ ڪعبه جو قسم! توهان جي