Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

والد کي عائشه (رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها) تمام گھڻي محبوب آهي۔

                                                                  (ابوداود،ڪتاب الادب،باب في الانتصار،۴/۳۵۹،حديث:۴۸۹۸)

(4) رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: عائشهرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي فضيلت عَورَتن تي اهڙي آهي جيئن ثَرِيد جي فضيلت تمام کاڌن تي آهي۔

                        (بخاري، ڪتاب احاديث الانبياء،بَاب قَوْلِه تَعَالٰى: اِذْ قَالَتِ الْمَلٰٓىٕكَةُ …الخ، ۲/۴۵۴، حديث:۳۴۳۳)

حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي اَحمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: ثَرِيد يعني ماني شورو ٻوٽيون ملائي غذا ٺاهبي آهي اها بهترين غذا آهي، سمورين غذائن کان افضل (آهي) ڇوته اها جلد هضم ٿيڻ واري)، نهايت ئي مُقَوِّي (يعني طاقت ڏيڻ واري)، نهايت مزيدار جنهن کي چٻاڻڻ جي حاجت نه آهي، گھڻين خوبين واري غذا آهي، ائين ئي حضرت عائشه (رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها) صورت، سِيرت، عِلم، عَمَل، فَصاحت، فَطانت، ذَڪاوَت، عَقل، حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي مَحبوبِيت وغيره هزارين صِفتن جون جامِع آهن۔ حق اهو آهي ته پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها سمورين عورتن ايستائين جو خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها کان به افضل آهن، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها ڪيئي حديثن جي جامع، علومِ قرآنيه جي ماهر بي بي آهن۔ (مرآة المناجيح،۸/۵۰۱)

مفتي صاحِب هڪ ٻي حديثِ پاڪ تحت لکن ٿا: جناب حضرت سيدَتُنا عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جون فضيلتون ريت جي ذَرّن، آسمان جي تارن (Stars) جيان بيشمار آهن، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها ربِّ ڪريم جو تُحفو آهن جيڪو حُضُورِ اَنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عطا ٿيو۔ پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي عِصمَت ۽ عِفَّت جي شاهدي خود ربِّ ڪريم قرآنِ مجيد ۾ سُوره نُور ۾ ڏني جڏهن ته جناب ِمريم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها ۽ يوسف عَلَيه السَّلَام جي عِصمَت جي شاهدي ننڍي ٻار کان ڏياري وئي۔ اُمَّت کي تَيمُّم جي آساني پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي صدقي ۾ ملي، حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو