Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

Book Name:Shan e Sayedatuna Aisha Siddiqa

وِصال سندن سيني تي ٿيو۔ حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آخري آرام گاھ پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جو حُجرو آهي، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جو لُعاب حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لُعاب سان گڏ وِصال وَقت گڏ ٿيو، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي بِستَر ۾ وَحي ايندي هئي، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها خود صِدِّيقه آهن ۽ صِدِّيق جي نياڻي آهن۔ (مرآة المناجيح،۸ /۵۰۲)

مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اشعارن جي صورت ۾ شانِ عائشه صديقه بيان ڪندي لکن ٿا:         

آپ کے دَولت کَدہ میں دَولَتِ دَارَین ہے       اُس زمیں پر پھر نہ کیوں قُرباں ہو عَرْشِ بَریں

آپ صِدِّیْقَہ پِدَرِ صِدِّیْق اور شوہر نَبِی          میکہ و سُسرال اعلیٰ آپ خود ہیں بہتریں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڪتاب”فيضانِ عائشه صدّيقه“ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! امّ المومنين حضرت سيدَتُنا عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي سيرت جي باري ۾ وڌيڪ معلومات جي لاءِ دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو ڪتاب” فيضانِ عائشه صدّيقه“ جومطالعو ڪرڻ نهايت مفيد آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ڪتاب ۾ امّ المومنين حضرت سيدَتُنا عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي علمي شان ۽ شوڪت جو بيان آهي، هن ڪتاب ۾ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جا فرمان ۽ ذوقِ عبادت جو بيان آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي سخاوت، ايثار، عشقِ رسول جو بيان آهي، هن ڪتاب ۾ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي انفراديت، امورِ خانه داري، فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  تي عمل جو بيان آهي ، هن ڪتاب ۾ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي  فصاحت،گريه و زاري، تواضع و انڪساري ۽ گهڻن ئي مدني گلن کي بيان ڪيو ويو آهي، هن ڪتاب جا مضمون 215 ڪتابن مان ورتا ويا آهن، اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي بستي تان