Ilm Deen K Fazail

Book Name:Ilm Deen K Fazail

عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ظاهري وفات وقت مان ننڍو هئس۔ پنهنجي هڪ هم عمر انصاري ڇوڪري کي مون چيو هل اصحابِ رسول اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽان علم حاصل ڪريون، ڇاڪاڻ ته هينئر اهي گھڻا آهن۔ انصاري جواب ڏنو. ابنِ عباس توهان به عجيب انسان آهيو، ايترن صحابه ڪرام جي موجودگي ۾ ماڻهن کي توهان جي ڪهڙي ضرورت پوندي! ان تي مون انصاري ڇوڪري کي ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ علم حاصل ڪرڻ لڳي ويس. ڪيئي ڀيرا ائين ٿيو جو خبر پئي ته فُلاڻي صحابي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه وٽ فُلاڻي حديث آهي مان ان جي گھر ڊوڙندي ويندو هئس۔ جيڪڏهن هو آرام ڪري رهيا هوندا ته مان پنهنجي چادر جو وهاڻو ٺاهي ان جي دروازي تي پيو هوندو هئس ۽ گرم هوائون منهنجي چهري کي ساڙينديون هيون. جڏهن هو صحابي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه ٻاهر ايندا هئا ۽ مون کي هن حال ۾ ڏسندا هئا ته متاثر ٿي چوندا هئا، رسول اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڀائيٽا اوهان ڇا چاهيو ٿا؟ مان چوندو هئس ٻڌو آهي اوهان رسول اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فُلاڻي حديث روايت ڪريو ٿا، انهيء جي طلب ۾ حاضر ٿيو آهيان۔ اهي چوندا هئا اوهان ڪنهن کي موڪليو ها ۽ مان پاڻ هليو اچان ها۔ مان جواب ڏيندو هئس: نه، هن ڪم جي لاءِ پاڻ مون کي ئي اچڻ گھرجي ها۔ هن کان پوءِ اهو ٿيو جو جڏهن اصحاب رسول اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ گذري(وفات ڪري) ويا ته اهو ئي انصاري ڏسندو هو ته ماڻهن کي منهنجي ڪيتري ضرورت آهي ۽ حسرت سان چوندو هو: ابن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه توهان مون کان گھڻا عقل مند هئا. (سنن دارمي،۱/۱۵۰،حديث:۵۷۰)

دو عالَم نہ کیوں ہو نثارِ صحابہ           کہ ہے عرش منزل وقارِ صحابہ

امیں ہیں یہ قرآن و دِینِ خدا کے     مدارِ ہُدیٰ اعتبارِ صحابہ

صحابہ ہیں تاجِ رِسالت کے لشکر     رسولِ خدا تاجدارِ صحابہ