Ilm Deen K Fazail

Book Name:Ilm Deen K Fazail

عمل ڪيو جو سڄي رات بستر تي ويهي ڪري قرآن شريف مان ديني مسئلا ڪڍندو رهيس ۽ اڄوڪي رات مون هزار کان وڌيڪ مسئلا ڪڍيا آهن۔

حضرت سيدنا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: جڏهن مون سندن اهو جواب ٻڌو تڏهن کان ئي مان پنهنجي شب بيداري تي سندن جي شب بيداري کي ترجيح ڏيان ٿو۔ ( مناقب الامام الاعظم للڪردري، ۲/۱۵۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان اسان کي ڪيئي مدني گل حاصل ٿيا، مثال طور اللہ  وارن جي هر گھڙي عبادت ۽ رياضت ۾ گذرندي آهي، اللہ  وارا پنهنجي قيمتي وقت جي قدر ڪندي ان کي فضوليات ۾ ضائع نٿا ڪن، اللہ  وارا قرآنِ ڪريم جي آيت سڳورين ۾ غور و فڪر جي سمنڊ ۾ ٻڏل رهن ٿا، اللہ  وارن جو حافظو نهايت ئي مضبوط Strong)) هوندو آهي، اللہ  وارن جي دلين ۾ اُمّت جي خير خواهي جو حقيقي جذبو موجود هوندو آهي، اللہ  وارا علم سان محبت ڪرڻ وارا ۽ ان کي ڦهلائڻ وارا هوندا آهن جيئن ته ڪروڙين حنفين جي عظيم پيشواحضرت سَيدُنا امامِ اعظم ابوحنيفهرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جي شاگردِ رشيد امام محمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جي باري ۾ اسان ٻڌو ته پاڻ پنهنجي يادداشت جي بنياد تي صرف هڪ رات ۾ قرآنِ ڪريم ۾ غور و فڪر ڪري هڪ ٻه نه بلڪ هزار شرعي مسئلن کي ڳولهيو۔ اي ڪاش! عبادت ۽ رِياضت، وقت جي قدر ۽ اهميت، قرآنِ ڪريم ۾ غور و فڪر، اُمتِ محمديه جي خير خواهي ۽ علمِ دين ڦهلائڻ جي اها عظيم نعمت اللہ  ڪريم اسان کي به عطا ڪري ۽ اسان کي به علمِ دين سکي ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي ٻين تائين پهچائڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي به پنهنجو ذهن بڻائڻ گھرجي ڇوته جيستائين انسان ڪنهن ڪم جي لاءِ ذهني طور تي