Ilm Deen K Fazail

Book Name:Ilm Deen K Fazail

عقيدن جو علم حاصِل ڪري. جنهن سان انسان صحيح العقيده سُنّي بڻجي ٿو ۽ جن جي انڪار ۽ مُخالَفَت سان ڪافِر يا گمراه ٿي ويندو آهي۔ هن کان پوءِ نماز بابت مسئلا يعني ان جا فرض، شرط ۽ مُفسِدات (يعني نماز ٽوڙڻ واريون شيون) سکي ته جيئن نماز صحيح طور تي ادا ڪري سگھي۔ پوءِ جڏهن رَمَضانُ المبارَڪ جي تشريف آوري ٿئي ته روزن جا مسئلا، مالِڪ نصابِ نامي (يعني حقيقةً يا حڪماً وڌڻ واري مال جي نِصاب جو مالڪ) ٿئي ته زڪوٰة جا مسئلا، صاحِبِ اِستِطاعت هجي ته حج جا مسئلا، نِڪاح ڪرڻ چاهي ته ان جا ضروري مسئلا، واپاري هجي ته خريد و فروخت جا مسئلا، ٻني پوکيندڙ يعني هاري (۽ زميندار) ٻني ٻاري جا مسئلا، مُلازِم بڻجڻ ۽ ملازِم رکڻ وارن تي اجاري جا مسئلا۔ وَ عَلٰي ھٰذَا القِياس (يعني ۽ هن تي قِياس ڪندي) هر مُسلمان عاقِل و بالغ مرد ۽ عورت تي ان جي موجوده حالت مطابِق مسئلا سکڻ فرضِ عين آهن۔ (ماخوذاز فتاوٰی رضویہ ، ۲۳/۶۲۳،۶۲۴)

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جي مبارڪ فتوي مان معلوم ٿيو ته هر عاقل، بالغ، مرد عورت تي عقيدن جو علم سکڻ، وضو، غسل، نماز ۽ روزي جا مسئلا سکڻ، صاحبِ نصاب هئڻ جي صورت ۾ زڪوٰة جا مسئلا، حج فرض هئڻ تي حج جا مسئلا، ڪاروبار ڪرڻ وارن تي خريدو فروخت جا مسئلا سکڻ فرض آهن۔ اچو! هاڻي اسان پنهنجي باري ۾ غور ڪيون ٿا ته اسان تي ڪهڙو علم سکڻ فرض آهي ۽ اسان کي ان جي ڪيتري معلومات (Sciences) آهي۔ سڀ کان پهريان عقيدن جي علم تي ئي غور ڪيو۔ علمِ عقائد هڪ اهم علم آهي هن ۾ اهو بيان هوندو آهي ته اللہ  پاڪ جي ذات ۽ صفتن جي باري ۾ مسلمانن کي ڪهڙو عقيدو رکڻ گھرجي، انبياءِ ڪرامعَـلَيْـهِمُ الصَّلٰوۃُ وَ الـسَّـلَام، حضراتِ صحابه ۽ اولياء رِضْوَانُ الله عَلَيھِمْ اَجْمَعِين جي باري ۾ ڇا عقيدو هئڻ گھرجي، قيامت ۽ احوالِ قيامت ڪهڙا آهن، جنّت ۽ دوزخ ڇا کي چون ٿا ۽ انهن جي باري ۾ ڪهڙو عقيدو رکڻ گھرجي، ڪهڙين ڪهڙين شين تي ايمان آڻڻ ضروري آهي ۽ ڪهڙين شين جو انڪار انسان کي ڪفر و