Book Name:Ilm Deen K Fazail
(I.T) جي تعاون سان ”دارالافتاء اهلسنّت“ موبائل ايپليڪيشن (Application) به اچي چڪي آهي ۽ مزيد ترقي جو سفر جاري آهي۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ٻُڌو ته
٭ ضرورت موجب عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي۔
٭ عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ جي لاءِ سفر ڪرڻ اسان جي بزرگ سڳورن جو طريقو آهي۔
٭ عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ وارن جون اللہ پاڪ مشڪلاتون آسان ڪندو آهي ۔
٭ عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ ملائڪ پنهنجا پر وڇائيندا آهن۔
٭ عِلمِ دِين سان خوفِ خدا پيدا ٿيندو آهي۔
٭ عِلمِ دِين سکڻ واري جي لاءِ زمين ۽ آسمان ۾ رهڻ وارا ايستائين جو پاڻي ۾ مڇيون استغفار ڪنديون آهن.
٭ علمِ دين سان جتي جهالت ختم ٿيندي آهي اتي درست طريقي سان عبادت جي ادائيگي به ٿيندي آهي۔
اللہ پاڪ اسان کي علم دين حاصل ڪرڻ ان تي عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ