Book Name:Ilm Deen K Fazail
۾ ڄاڻو ۽ جيڪو ڪجھ ڄاڻو ٿا ان تي عمل ڪريو۔ (جامع بيان العلم وفضله، ۱/۱۲۲،حديث: ۴۰۲) ٭ تحصيلِ علم جي لاءِ بهترين وقت ابتدائي جواني، وقت سحر ۽ مغرب ۽ عشاء جي وچ وارو وقت آهي۔ پر اها ڳالھ ته فضليت جي هئي پر هڪ طالبِ علم کي ته هر وقت تحصيلِ علم ۾ مستغرق رهڻ گھرجي۔ (راه علم ،ص۷۳) ٭ طالب علم کي لڙائي جھيڙي کان پاسو ڪرڻ گھرجي ڇوته جهيڙو ۽ فساد وقت کي ضائع ڪندو آهي۔ (راه علم، ص ۷۴) ٭ طالبِ علم کي علمِ دِين واري واٽ ۾ ايندڙ مصيبتن ۽ ذِلّتن کي به ڪنڌ جهڪائي برداشت ڪرڻ گھرجي۔ (ايضاً، ص۸۰) ٭ طالبِ علم جيترو وڌيڪ پرهيزگار هوندو آهي ان جو علم به ايتري قدر نفعي وارو ٿيندو آهي۔ (ايضاً ،ص ۸۱) ٭ طالبِ علم کي کپي ته هر وقت ڪتاب پاڻ سان رکي ته جيئن فُرصت جي وقت انهن جو مطالعو ڪري سگھجي۔ ( ايضاً، ص۸۵)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد