Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

مسواک کی نمازیں سَتَّر گُنا ہیں افضل    کتنی کرم فضا ہے مسواک پیاری پیاری

کرتی ہے دل کو روشن سرکار کی ہے سُنّت    رُوحانی اِک غذا ہے مسواک پیاری پاری

 

فيضانِ مسواڪ! جاري رهندو۔اِنْ شَآءَالله عَزَّ وَجَلَّ۔ 

فيضانِ مسواڪ! جاري رهندو۔اِنْ شَآءَالله عَزَّ وَجَلَّ

فيضانِ مسواڪ! جاري رهندو۔۔۔۔اِنْ شَآءَالله عَزَّ وَجَلَّ

سائنسي اعتبار سان مِسواڪ جا طِبّي فائدا

اَمۡريڪا جي هڪ مشهور ڪمپني جي تحقيقات جي مطابق ڏندڻ ۾ نقصان ڏيڻ وارن بيڪٽيريا (Bacteria) کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت ڪنهن به ٻئي طريقي جي بنسبت 20 فيصد وڌيڪ آهي. ٭ سوئيڊن جي سائنسدانن جي هڪ تحقيق جي مطابق مِسواڪ جا تاندورا بيڪٽيريا کي مس ٿيڻ بغير براهِه راست (Direct) ختم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڏندن کي ڪيئي بيمارين کان بچائيندا آهن. ٭ يو ايس نيشنل لائبريري آف ميڊيسن جي شايع شده تحقيق ۾ هي ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن مسواڪ کي صحيح طور استعمال ڪيو وڃي ته هي ڏندن ۽ وات جي صفائي جو بهترين ذريعو آهي. ٭ هڪ تحقيق جي مطابق جيڪي ماڻهو مسواڪ جا عادي آهن انهن جي مسوڙن مان رت (Blood) اچڻ جي شڪايت تمام گهٽ ٿي ويندي آهي. ٭ امريڪا ۾ ڏندن جي متعلّق ٿيڻ واري هڪ نشست ۾ ٻڌايو ويو ته مسواڪ ۾ اهڙا مادا هوندا آهن جيڪي ڏندن کي ڪمزوري کان بچائيندا آهن ۽ اهي تمام دوائون جيڪي ڏندن جي صفائي ۾ استعمال ٿينديون آهن ،انهن سڀني کان وڌيڪ فائدي مند مسواڪ آهي. ٭ مِسواڪ ڏندن تي ڄميل تهه کي ختم ڪري ٿي. ٭ مِسواڪ ڏندن کي مڪمل تباهي کان بچائي ٿي. ٭ دائمي نزلي ۽ زڪام جا اهي مريض جن جو بلغَم نه نڪرندو هجي، جڏهن اهي مسواڪ ڪندا آهن ته بلغم نڪرڻ لڳندو آهي