Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

۽ ائين مريض جو دماغ هلڪو ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي. ٭ پيتھالوجِسٽز جي تجربن ۽ تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته دائمي نزلي جي لاءِ مِسواڪ بهترين علاج آهي.  (مسواڪ شريف ڪے فضائل،ص۷-۸)

یا ربّ کرم سے ہم کو ہوجائے اس کی عادت   جاں بخش دل کشا ہے مسواک پیاری پاری

 

فيضانِ مسواڪ! جاري رهندو۔اِنْ شَآءَالله عَزَّ وَجَلَّ۔ 

فيضانِ مسواڪ! جاري رهندو۔اِنْ شَآءَالله عَزَّ وَجَلَّ

فيضانِ مسواڪ! جاري رهندو۔۔۔۔اِنْ شَآءَالله عَزَّ وَجَلَّ 

مِسواڪ سان معدي جي تيزابيّت ۽ وات جي ڇالن جو علاج

وات جي ڪجهه قسمن جا ڇالا معدي جي گرمي ۽ تيزابيّت سبب ٿيندا آهن ۽ انهن ۾ هڪ قسم اهڙي به آهي جنهن جا جراثيم وات ۾ ڦهلجي ويندا آهن۔ ان جي علاج لاءِ وات ۾ تازو ڏندڻ ڪريو ۽ ان جي لُعاب (ٿُڪ) کي ڪجھ دير تائين وات ۾ ڦيرائيندا رهو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مرض ٺيڪ ٿي ويندو۔ ڪجهه ماڻهو شڪايت ڪندا آهن ته ڏند ڦڪا ٿي ويا آهن يا ڏندن مان سفيدي جو اَستر (Enamel) لهي ويو آهي .اهڙن ماڻهن جي لاءِ مسواڪ جا تازا تاندورا مفيد آهن، پڻ ڏندن جي ڦڪاڻ ختم ڪرڻ لاءِ به مفيد آهي. مِسواڪ تَعَفُّن (بدبو) کي دفع (يعني پري) ۽ وات جي جراثيم جو خاتمو ڪندو آهي، جنهن سان انسان بيشمار مرضن کان بچي سگهي ٿو. (مسواڪ شريف ڪے فضائل،ص۸-۹)

ڪينسر کان حفاظت

هڪ سَروي مطابِق جيڪڏهن دنيا ۾ 100 مريض ڪينسر جا هجن ته اُن ۾ 5 فيصد مسلمان هوندا يعني مسلمانن ۾ ڪينسر جي گھٽ هئڻ جو هڪ سبب مسواڪ به آهي ڇوته وات ۾ جيڪي جراثيم ٽُوٿ پيسٽ کان بچي ويندا آهن اهي مسواڪ جي سنهن ريشن جي مدد سان مري ويندا آهن، جنهن جي ڪري مسلمان وات ۽ معدي جي ڪينسر کان محفوظ رهندا آهن۔