Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

مسواڪ ذريعي ڳلي جي سور ۽ ڪنڌ جي سوڄ جو طبّي علاج

هڪ شخص جي ڳلي ۽ ڪنڌ ۾ سور هو ۽ ڪنڌ ۾ سُوڄ به هئي۔ ڳلي جي مَرَض سبب ان جو آٓواز به خراب هو، ڪنڌ جي سور ۽ سُوڄ سبب مٿو ڦرڻ لڳو هو، جنهن سان ان جو حافِظو ڪمزور (Weak) ٿي چڪو هو۔ هو شخص ڊاڪٽرن وٽ علاج ڪرائيندو رهيو پر ڪو فائدو نه ٿيو۔ ڪنهن ان کي مِسواڪ ڪرڻ جو مشورو ڏنو ته هو باقاعِدي سان مِسواڪ ڪرڻ لڳو۔ ان سان گڏوگڏ مِسواڪ جا ٻه ٽڪر ڪري پاڻي ۾ اُٻاريندو هو ۽ ان پاڻي سان گرڙا ڪندو هو۔ ان کان عِلاوه جتي سُوڄ هئي اتي ڪجھ دوا به لڳائيندو رهيو۔ اهو علاج گھڻو مفيد ثابت ٿيو۔ جڏهن تحقيق ڪئي وئي ته ان جو ٿائي رائيڊ گلينڊ مُتاثر هو، جنهن جو اَثر سڄي جسم تي ٿيو هو۔ (اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ) مسواڪ واري علاج (جي بَرَڪت) سان ان جي اها بيماري دور ٿي وئي ۽ هو تَندُرُست ٿي ويو۔

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان! مسواڪ شريف جي بَرَڪت سان مسواڪ ڪرڻ وارن کي ڪيتري قدر فضيلتون ۽ برڪتون نصيب ٿينديون آهن ۽ اُنهن کي ڪهڙا ڪهڙا فائدا ۽ ثمرات ميڙڻ جي سعات ملندي آهي۔ ته جيڪڏهن اسان به باوُضو رهڻ جي عادت بڻايون ۽ مسواڪ جي سُنّت تي هميشگي اِختيار ڪريون ته يقيناً اهي فضيلتون ۽ بَرَڪتون ۽ فائدا ۽ ثمرات اسان کي به نصيب ٿيندا۔ اچو! نِيت ڪريون ٿا ته اڄ کان ڏينهن جو اڪثر حِصّو باوُضو رهنداسين، مسواڪ جي پياري پياري سُنّت زنده ڪنداسين، ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيارينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

فيضانِ مسواڪ! جاري رهندو۔اِنْ شَآءَالله عَزَّ وَجَلَّ۔ 

فيضانِ مسواڪ! جاري رهندو۔اِنْ شَآءَالله عَزَّ وَجَلَّ

فيضانِ مسواڪ! جاري رهندو۔۔۔۔اِنْ شَآءَالله عَزَّ وَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ’’مَدَني دَرس ‘‘