Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! باوُضو رهڻ جي عادت بڻائڻ، مسواڪ جي سُنّت تي عمل جو جذبو ماڻڻ ۽ آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن کي ڦهلائڻ جي تڙپ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان هر دم وابسته ٿي پنهنجي مصروفيتن مان ڪجھ نه ڪجھ وَقت ((Time ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن جي لاءِ به ڪڍون۔ هر اسلامي ڀاءُ تي ڪا نه ڪا تنظيمي ذمه داري هئڻ گھرجي، هن ذِمه داري جي برڪت سان نمازِ پنجگانه جي ادائيگي جي سعادت نصيب ٿيندي، هن ذِمه داري جي برڪت سان خوب خوب نيڪيون ڪرڻ جو موقعو ملندو، هن ذِمه داري جي برڪت سان علمِ دِين سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو، هن ذِمه داري جي برڪت سان مدني اِنعامات تي عمل ۽ مدني قافلن ۾ سفر جي سعادت ملندي رهندي، تنهنڪري اسان کي پنهنجي تنظيمي ذمه داري مطابق مدني ڪمن ۾ مصروف رهڻ گھرجي، 12مدني ڪمن مان جنهن مدني ڪم کي ڪرڻ جو اسان جذبو رکون ٿا، پنهنجن ذِمَّه داران سان رابطه ڪري ان مدني ڪمن جي ذريعي نيڪي جي دعوت جون ڌُومون

 مچائڻ شروع ڪريون۔

ياد رهي! ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مدني درس“ به آهي، جيڪو عِلمِ دِين سکڻ سيکارڻ جو بهترين ذريعو آهي۔ اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه ابوبلال مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي ڪجھ ڪتابن ۽ رسالن جي عِلاوه سندن تمام ڪتابن ۽ رسالن خاص ڪري ”فَيضانِ سُنّت“جلداَوَّل ۽ ”فَيضانِ سُنّت“جلد ٻه مان هن ابوابن (1) ”غيبت جون تباھ ڪاريون“ ۽ (2) ”نيڪي جي دعوت“ مان مَسجد، چوڪ، بازار، دُڪان، دفتر ۽ گھر وغيره ۾ درس ڏيڻ کي تنظيمي اِصطِلَاح ۾ ”مَدَني دَرس“ چوندا آهن۔

٭ مَدَني دَرْس نهايت ئي پيارو مَدَني ڪم آهي ڇوته ان جي بَرَڪت سان مسجد جي حاضِري جي باربار سعادت نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ مَدَني دَرس جي بَرَڪت سان مطالعي جو موقعو ملندو آهي۔ ٭ مَدَني دَرس جي بَرَڪت سان