Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

مسلمانن سان ملاقات ۽ سلام جي سُنّت عام ٿيندي آهي۔ ٭ مَدَني دَرس جي بَرَڪت سان اميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي مُختلِف موضوعن تي مُشتَمِل ڪتاب ۽ رسالن مان عِلمِ دِين سان مالامال قِيمتي مَدَني گل اُمّتِ مُسلِمَه تائين پهچائي سگھجن ٿا۔ ٭ مَدَني دَرس، بي نمازين کي نمازي بڻائڻ ۾ گھڻو مُعاون ۽ مددگار آهي۔ ٭ مَدَني دَرس، مسجد جي حاضِري کان محروم رهڻ وارن تائين به نيڪي جي دعوت پهچائڻ جو هڪ مُفيد ترين ذريعو آهي۔ ٭ مسجد جي علاوه چوڪ، بازار، دُڪان وغيره ۾ جيڪڏهن ”مَدَني دَرس“ ٿيندو ته ان جي بَرَڪت سان دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جي تشهير ۽ نيڪ نامي ٿيندي۔ ٭ مَدَني دَرس جي بَرَڪت سان اَميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي مُختلِف ڪتابن ۽ رسالن جو تَعارُف (Introduction) عام ٿيندو۔

دُعاءِ عطّار: يا ربِّ محمّد عَزَّوَجَلَّ! جيڪو اسلامي ڀاءُ يا اسلامي ڀيڻ روزانو 2 درس ڏين يا ٻُڌن اُنهن کي ۽ مون کي بي حساب بخش ۽ اسان کي اسان جي مَدَني آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڙي ۾ گڏ رهاءِ۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

 

جو دے روز دو ”دَرْسِ فَیضانِ سُنّت“   میں دیتا ہوں اُس کو دُعائے مدینہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اچو! ”مَدَني دَرس“ جي هڪ اِيمان اَفروز مَدَني بهار ٻُڌو، جيئن

مدني درس ۾ ويهڻ وارو عالم بڻجي ويو

بابُ الاِسلام سندھ جو هڪ اسلامي ڀاءُ جيڪو نائين (9th) ڪلاس ۾ پڙھندو هو ۽ دُنيا حاصل ڪرڻ جي جُستُجو ۾ مڱن هو، عَلائقي جي اسلامي ڀاءُ اُن کي نيڪي جي دعوت ڏئي مسجد ۾ وٺي آيو۔ جڏهن هو نماز پڙھي مسجد مان نڪرڻ لڳو ته هڪ خَير خواه اسلامي ڀاءُ (جيڪو مسجد جي در وٽ بيٺل هو) اُن کي دَرس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني۔ ان ڪري هو مدني درس (دَرسِ فَيضانِ سُنّت) ۾ ويهي رهيو، پوءِ هن، اسلامي ڀائرن جي اِنفرادي