Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

ڪوشِش سان مَدرَسَةُ المَدِينَه (بالِغان) ۾ پڙھڻ شُروع ڪيو۔ هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماع ۾ شرڪت ڪئي۔ ڪجھ هفتن کان پوءِ اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جو ٽيليفون ذريعي بيان ٿيو۔ بَيان کان پوءِ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه اِجتماعي تَوبه ۽ بَيعَت ڪرائي ته اهو اسلامي ڀاءُ به گناهن کان تَوبه ڪري عطّاري بڻجي ويو۔ مَدَني ماحول جي بَرَڪت سان اُن عِلمِ دين سکڻ جي لاءِ 1999ء ۾ جَامِعَةُ المَدِينَه (فَيضانِ عُثمانِ غَنِي گلستانِ جَوهر باب المدينه ڪراچي) ۾ داخِلو ورتو ۽ 2005 ۾ عالِمِ دين بڻجڻ تي انهن کي مٺي مٺي مُرشِدِ ڪرِيم اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي هٿان دَستارِ فضيلت طور تي سَبز سَبز عِمامو شريف ٻَڌائڻ جو شَرَف به ملي ويو۔

یقیناً  مُقَدَّر  کا  وہ  ہے  سِکَنْدَر      جسے خَیر سے مِل گیا مَدَنی ماحول

دُعا ہے یہ تجھ سے دل ایسا  لگا  دے    نہ چھوٹے کبھی بھی  خدا  مَدَنی  ماحول

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! وات اسان جي بدن جو هڪ اهڙو قيمتي حِصّو آهي جنهن جا ڪيئي فائدا آهن، مثال طور وات جي ذريعي اسان کاڌو، پاڻي، دوائون ۽ ٻيون ڪيئي شيون کائون ۽ پيئون ٿا، انهيء وات سان تلاوتِ قرآن به ڪريون ٿا، حَمد و نعت ۽ مَنقَبَت به پڙھون ٿا، سلام ۽ ڪلام به ان وات سان ڪريون ٿا، ان جي علاوه ڪيئي ڪم ان وات جي ذريعي ڪندا آهيون،

 تنهنڪري اهي تمام شيون اسان کان هن ڳالھ جي تقاضا (Demand) ڪن ٿيون ته اسان پنهنجي وات کي صاف سُٿرو رکون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ وُضُو دوران گُرڙي ۽ گُرڙا ڪرڻ جي بَرَڪت سان وات به پاڪ ۽ صاف رهي ٿو ۽ کوڙ بيمارين کان به حفاظت ٿي ويندي آهي۔ اچو! گرڙي ڪرڻ ۽ گرڙا ڪرڻ جا ڪجھ طِبِّي فائدا مُلاحَظَه ڪريو،

گُرڙي ۽ گُرڙا ڪرڻ جا طِبِّي فائدا

هوا جي ذَرِيعي لاتعداد مُهلِڪ جَراثيم ۽ غذا جا ذرا وات ۽ ڏندن ۾ ٿُڪ سان گڏ لڳي ويندا آهن۔ جيڪڏهن وُضو ۾ مِسواڪ ۽ گرڙين جي ذَرِيعي وات جي بهترين صفائي نه ڪئي وڃي ته ڪئي خطرناڪ مرض پيدا ٿي سگھن ٿا: مثال