Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

طور (1) ايڊز: ان جي اِبتِدائي نشانين ۾ وات ۾ ڇالا ٿيڻ به شامل آهي، (2) وات جي ڪنارن جو پچڻ، (3) وات ۾ سينور جون بيماريون ۽ ڇالا وغيره۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ وُضُو ڪرڻ مهل گرڙي ڪرڻ سان هنن خطرناڪ مرضن کان بچاءُ حاصِل ٿيندو آهي، گرڙي ڪرڻ سان هڪ ته پاڻي جو ذائقو ۽ بُو جي خبر پئجي ويندي آهي ته جيڪو پاڻي اِستعمال ڪيو پيو وڃي اهو حِفظانِ صحّت جي حوالي سان نقصانڪار ته ناهي، اهڙي طرح روزو نه هجي ته گرڙي سان گڏ گرڙا ڪرڻ به سُنّت آهن ۽ پابندي سان گرڙا ڪرڻ وارو ڪڏهن ڪاڪڙو (Pharynx) وڌڻ، ڳلي ۾ موجود ٽانسلز جي انفيڪشن ۽ ڳلي جي کوڙ بيمارين ايستائين جو ڳلي جي ڪينسر کان محفوظ رهندو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نڪ ۾ پاڻي وجھڻ جا طِبِّي فائدا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! وُضو دوران نڪ ۾ پاڻي وجھڻ طِبِّي لحاظ کان گھڻو فائديمند آهي ۽ اهو عمل ڪيئي بيمارين کان محفوظ رکي ٿو ڇوته اسان سڄي ڏينهن نڪ جي ذريعي ساھ کڻون ٿا، جنهن سبب ساھ جي ذريعي نڪ ۾ دُونهو، مٽي غُبار ۽ طرح طرح جا جراثيم هليا ويندا آهن۔ سڄي ڏينهن ۾ وُضُو ڪندي تقريباً 15 ڀيرا نڪ ۾ پاڻي وجھڻ سان اهي جراثيم، گرد و غبار ۽ دُونھي سان ٿيندڙ مُهلِڪ بيمارين کان بچاؤ ممڪن ٿي ويندو آهي، اهڙي طرح ڦڦڙن کي اهڙي هوا درڪار هوندي آهي جيڪا جراثيم، دُونھي ۽ گَرد و

 غُبار کان پاڪ هجي ۽ ان ۾ 80 فيصد رَطُوبت (يعني آلاڻ) هجي، اهڙي هوا فراهم ڪرڻ جي لاءِ الله پاڪ اسان کي نڪ جي نعمت کان نوازيو آهي، وُضُو ڪندي نڪ ۾ پاڻي وجھڻ جي بَرَڪت سان اسان بيشُمار خطرناڪ مرضن کان محفوظ ٿي ويندا آهيون، دائمي نَزلو ۽ نڪ جي زخم جي مريضن جي لاءِ نڪ جو غُسل (يعني وُضُو جيان نڪ ۾ پاڻي وجھڻ) بيحد مفيد آهي ۽ ماهرينِ ”هائيڊرو پيٿي“ يعني پاڻي سان علاج جي ماهرن جي ويجھو نڪ ۾ پاڻي وجھڻ بَصارَت (نظر) کي تيز ڪري ٿو۔