Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عام طور ڪي ماڻهو پنهنجي چهري (Face) جي خوبصورتي ۽ ترو تازگي وڌائڻ ۽ چهري جي داڻن کان جان ڇڏائن جي لاءِ چهري تي مُختلِف ٽوٽڪا ۽ نسخا آزمائن ٿا ۽ مهانگيون مهانگيون ڪريمون لڳائن ٿا ته جيئن چهري تي مَصنوعي چمڪ ڌمڪ اچي وڃي۔ ياد رکو! ٽوٽڪا ۽ نسخا آزمائڻ ۽ مهانگيون ڪريمون لڳائڻ کان پوءِ چهرو وقتي طور تي چمڪدار ٿي ويندو آهي پر بعد ۾ هن سبب چهري تي جُھري، داڻا، پَس ۽ عجيب و غريب داغ نڪري ايندا آهن جيڪي سخت تڪليف جو سبب ٿيندا آهن ۽ انهيء ڪري چهرو خوبصورت ٿيڻ بدران بدصُورت ٿي ويندو آهي۔ چهري جي خوب صُورتي کي وڌيڪ خوبصورت ڪرڻ ۽ ان کي تر و تازگي بخشڻ جي لاءِ وُضو هڪ بهترين نسخو آهي، ڇوته وُضو ۾ ٽي (3) ڀيرا چهرو ڌوتو ويندو آهي جنهن سبب نه صِرف چهري جي رونق ۾ اِضافو ٿيندو آهي بلڪ ان جي بَرَڪت سان ٻيا کوڙ طِبِّي فائدا پڻ حاصِل ٿيند آهن۔ اچو! وُضو ۾ چهرو ڌوئڻ جي ڪجھ طِبِّي فائدن جي باري ۾ ٻڌو ۽ باوُضو رهڻ جي عادت بڻائي ان جون بَرَڪتون ماڻيو،

چهرو ڌوئڻ جا طِبِّي فائدا

وُضو دوران چهري تي ٽي (3) ڀيرا هٿ ڦيرڻ سان نه صِرف دماغ پُرسُڪون ٿي ويندو آهي بلڪ چهري تي چمڪ، جِلد ۾ نَرمي ۽ لَطافت پيدا ٿي ويندي آهي۔ گرد و غبار صاف ٿي چهرو بارونق ۽ پُرڪشِش ۽ بارُعب ٿي ويندو آهي۔ اکين جي حِصّن کي تسلّي ملندي آهي ۽ اکيون پُرڪشِش خوبصورت ۽ پُرخُمار ٿي وينديون آهن۔ هڪ يورپي ڊاڪٽر مَقالو لکيو جنهن جو نالو هو ”آئي واٽر هيلٿ (Eye Water Health) جنهن ۾ ان هن ڳالھ تي زور ڏنو آهي ته پنهنجي اکين کي ڏينهن ۾ هر هر ڌوئيندا رهو نه ته توهان کي خطرناڪ بيمارين سان