Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

واسطو پئجي سگھي ٿو، ڏينهن ۾ ڪيئي ڀيرا چهرو ڌوئڻ سان چهري تي ڌاڻا ناهن نڪرندا يا گھٽ نڪرندا آهن۔ چيني ماهرن جي تحقيق مطابق چهرو ڌوئڻ سان پيٽ ۾ ننڍي آنڊي، سيني، وڏي آنڊي وغيره تي به چڱا اثر ٿيندا آهن جنهن جي ڪري آشوبِ چشم، چڪر اچڻ، ڪمزوري، ڏندن جي ڪمزوري، مٿي جو سور، ٿڪاوٽ ۽ گھٻراهٽ وغيره ۾ گھڻي ڪمي ٿيندي آهي، وُضو دوران چهرو ڌوئڻ سان ڀرون پاڻي سان آلا ٿي ويندا آهن ۽ ميڊيڪل اُصول مطابق ڀرون تَر ڪرڻ سان اکين جي هڪ اهڙي مرض جو اِمڪان ختم ٿي ويندو آهي جيڪو انسان کي بَصَارَت (نور) کان محروم ڪري سگھي ٿو۔

دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عبادت   رہوں باوُضو میں سَدا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٿي جو مَسح ڪرڻ ۽ پير ڌوئڻ جا طِبِّي فائدا

مٿو انسان جي سمورن عضوئن کان وڌيڪ اَهمِّيت رکي ٿو، تمام عضون جي فعل جو تَعَلُّق دِماغ سان هوندو آهي، مٿي ۽ ڪنڌ جي وچ ۾ ”حَبلُ الوَرِيد“ هوندي آهي، جنهن کي شه رڳ به چيو ويندو آهي۔ ان جو تَعَلُّق ڪرنگھي جي هڏي، حرام مَغز ۽ جسم جي سمورن جوڙن کان هوندو آهي، مٿي ۽ ڪنڌ جو مسح ڪرڻ سان ڪرنگھي جي هڏي ۽ حرام مَغز جي خرابي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين کان تَحَفُّظ حاصِل ٿيندو آهي، اهڙي طرح انساني جسم ۾ سڀ کان وڌيڪ گردو غبار ۽ دز مٽي سان آلوده ٿيڻ وارا عضوا پير آهن۔ انفيڪشن سڀ کان پهريان پيرن جي اڱرين جي وچين حصي ۾ شروع ٿيندو آهي ۽ شوگر جي مريضن کي پيرن جو اِنفيڪشن گھڻو ٿيندو آهي، پير جي ترين جو هٿ جي ترين جيان تمام اَعصاب خاص طور تي تمام غُدود سان تَعَلُّق رهندو آهي، تنهنڪري پير ڌوئڻ جي بَرَڪت سان بک جي ڪمي، تيز بخار، عِرقُ النَّسَاء (يعني ٽنگن جو درد جيڪو دڏ کان وٺي پير جي مريي تائين ٿيندو آهي)، نَڪسير، يرقان، گَنٺيا (يعني جوڙن جي درد)، بَواسير، چڪر، جِنسي ڪمزوري، قَبض، ساھ ڀرجڻ وغيره کان آرام رهندو آهي۔ (مختلف ويب سائٹس سے ماخوذ)