Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

رسالا ”وضو ۽ سائنس“ ۽ ”وضو جو طريقو“ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! وضو جي باري ۾ وڌيڪ طبي فائدن ۽ وضو جي عضوئن کي ڌوئڻ جون مزيد حڪمتون ڄاڻڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”وضو ۽ سائنس“ جو مطالعو ڪريو۔ جڏهن ته وضو جو سُنّت طريقو ڄاڻڻ ۽ وضو جا شرعي مسئلا نهايت سولي انداز ۾ سمجھڻ جي لاءِ رسالو ”وضو جو طريقو“ جو مطالعو ڪرڻ گھڻو فائديمند آهي۔ تنهنڪري پاڻ به انهن رسالن جو مطالعو ڪريو ۽ ٻين کي به پڙھڻ جي ترغيب ڏياريو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هنن ٻنهي رسالن کي پڙهي به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪريا سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

وضو ڪرڻ ۾ ڪهڙي نِيت ڪريون؟

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! وُضُو جا طِبّي فائدا ٻڌي اُمّيد آهي ته اسان جو باوُضو رهڻ جو ذِهن بڻيو هوندو پر ياد رکو! فَنِّ طِبّ ظَنِّيات تي مَبني آهي۔ سائنسي تحقيق به حَتمي (يعني فائنل) ناهي هوندي، بدلجندي رهندي آهي۔ ها! الله پاڪ ۽ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اَحڪام اٽل آهن اهي بدلجندا نه۔ اسان کي سُنّتن تي عمل طِبِّي فائدا ماڻڻ جي لاءِ نه، پر صِرف ۽ صِرف رِضاءِ اِلٰهي جي لاءِ ڪرڻ گھرجن، لهٰذا ان ڪري وُضُو ڪرڻ ته منهنجو بلڊ پريشر نارمَل ٿي وڃي يا مان تازه دم ٿي وڃان يا ڊائٽنگ جي لاءِ روزو رکڻ ته جيئن بک جا فائدا حاصل ٿين۔ سَفَرِ مدينه ان ڪري ڪرڻ ته آبهوا به تبديل ٿي ويندي، گھر ۽ ڪاروباري جھنجٽ کان به ڪجھ ڏينهن سُڪون ملندو يا ديني مُطالعو (Study) ان ڪري ڪرڻ ته منهنجو ٽائم پاس ٿي ويندو۔ هن طرح جي نِيتن سان عمل ڪرڻ وارن کي ثواب نه ملندو۔ جيڪڏهن اسان عمل الله پاڪ کي خوش ڪرڻ جي لاءِ