Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيشڪ هر عقلمند شخص هن ڳالھ کان چڱي طرح واقِف آهي ته صفائي، سُٿرائي انسان جي وَقار (Dignity) ۾ اِضافو ڪندي آهي جڏهن ته گندگي اِنسان جي عزّت ۽ عظمت کي گھٽائيندي آهي۔ دينِ اسلام جتي انسان کي ڪُفر و شِرڪ جي نجاستن کان پاڪ ڪري عزّت ۽ بلندي عطا ڪئي آهي اتي ظاهري پاڪيزگي ۽ صفائي سُٿرائي جي اعليٰ تعليم جي ذريعي اِنسانيت جو مان مٿانهون ڪيو آهي۔ بهرحال بدن جي پاڪيزگي هجي يا لباس جي سُٿرائي، مڪان ۽ سازو سامان جي بهتري هجي يا سُواري جي ڌُلائي مطلب هر هر شيءَ کي صاف سُٿرو رکڻ جي دينِ اسلام ۾ تعليم ۽ ترغيب ڏني وئي آهي،

سيپارو 2سُوْرَۃُ الْبَقَرَه جي آيت نمبر 222 ۾ اِرشادِ خداوَندي آهي: