Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

ڪنداسين ته ثواب به ملندو ۽ ضِمناً ان جا فائدا به حاصل ٿي ويندا۔ تنهنڪري

 ظاهري ۽ باطِني آداب جو لحاظ رکندي وُضُو به اسان کي الله ڪريم جي رِضا ئي جي لاءِ ڪرڻ گھرجي ۔

مِرا ہر عمل بس تیرے واسِطے ہو    کر اِخلاص ایسا عطا یاالٰہی

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توڙي جو وُضو جي بَرَڪت سان اسان ظاهري پاڪيزگي جو اِهتمام ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا هونداسين پر ان کان وڌيڪ اسان کي پنهنجي باطِن يعني پنهنجي دل کي گناهن جي گندگين کان پاڪ ۽ صاف رکڻ جي بيحد ضرورت آهي۔ لهٰذا جهڙي طرح وُضو ڪرڻ سان اسان ظاهر کي گناهن کان پاڪ ڪريون ٿا اهڙي طرح تَوبه ۽ اِستغفار جي ذريعي پنهنجي باطِن کي صاف ڪريون ۽ پوءِ ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ جُھڪون ته اڃا به وڌيڪ بَرَڪتون نصيب ٿينديون۔

تصوُّف جو عظيم مَدَني نسخو

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب”اِحياءُ العُلوم“ جلد پهرين جي صَفحي نمبر 425 تي حُجَّةُ الاِسلام حضرت سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه باطِني صفائي جي اَهمِّيت کي اُجاگر ڪندي فرمائن ٿا: جڏهن وُضو کان فارِغ ٿيو ۽ نماز ڏانهن مُتَوَجِّه ٿيو ته دل ۾ اهو خيال هئڻ گھرجي ته مون پنهنجي ظاهر کي ته پاڪ ڪري ورتو جنهن تي مخلوق جي نظر پوندي آهي۔ لهٰذا هاڻي دل کي پاڪ ڪرڻ بغير بارگاھ الٰهي ۾ مُناجات ڪرڻ کان حياءُ ڪرڻ گھرجي ته ان کي الله پاڪ ڏسي رهيو آهي ۽ اها ڳالھ يقيني آهي ته دل جي پاڪيزگي تَوبه سان حاصِل ٿيندي آهي۔ دل جو بُري اَخلاق کان پاسو ڪرڻ ۽ چڱن اخلاق سان مُزَين هئڻ ضروري آهي۔ ته جيڪو صِرف ظاهري طَهارت کي ڪافي سمجھي ٿو اهو ان شخص جيان آهي جنهن بادشاھ کي گھر ۾ اچڻ جي دعوت ڏيڻ جو اِرادو ڪيو ۽ گھر جي اندرئين حِصّي کي گندگين کان آلوده ڇڏي ٻاهرين حصّي تي چُونو ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو ته اهڙو شخص بادشاھ جي غَيض ۽ غَضَب جو ڪيتري قدر حق دار آهي۔