Wuzu K Tibbi Fawaid

Book Name:Wuzu K Tibbi Fawaid

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ علم ِ دين جو نور ڦھلائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مجلس آئي ٽي (I.T) جي تعاون سان ”دارالافتاء اهلسنّت“ موبائل ايپليڪيشن (Application) به اچي چڪي آهي ۽ وڌيڪ ترقي جو سفر جاري آهي۔ ياد رکو! پاڪستاني وقت جي مُطَابِق صبح 10 بجي کان شام 4 بجي تائين هنن نمبرن تي رابطو ڪري

 سگھجي ٿو، (منجھند جو هڪ کان ٻه بجي تائين وقفو ٿيندو آهي) جُمُعي جي ڏينهن موڪل هوندي آهي. الله ڪريم ”دارُالاِفتاء اهلسنّت“ کي وڌيڪ تَرَقِّيون عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بَيان ۾ اسان ٻڌو ته

      ٭ صفائي سُٿرائي کي اِسلام ۾ تمام گھڻي اَهمِّيت حاصِل آهي۔ ٭ باوُضو رهڻ وارن جو شُمار نيڪ ماڻهن ۾ ٿيندو آهي۔ ٭ وُضو ظاهري ۽ باطِني بيمارين کان بچڻ جو بهترين نُسخو آهي۔ ٭ وُضو ڪرڻ وارا خوش نصيب فالِج ۽ ڪينسر کان بچي ويندا آهن۔ ٭ وُضو ڪرڻ وارن جا عضوا بروزِ قِيامت چمڪندا هوندا۔ ٭ باوُضو رهڻ وارن جي صحبت ۾ ملائڪ رغبت رکندا آهن۔ ٭ وُضو ڪرڻ وارن جا چهرا تر وتازه ۽ خوبصورت هوندا آهن۔ ٭ وُضو ۾ مسواڪ ڪرڻ وارن جو خاتِمو اِيمان تي ٿيڻ جي بشارت (خوشخبري) آهي۔ ٭ وُضو ۾ مٿي جو مَسح ڪرڻ سان ڪرنگھي واري هڏي ۽ حرام مَغز جي خرابي کان حفاظت رهندي آهي۔ ٭ وُضو دوران نڪ ۾ پاڻي وجھڻ سان نظر تيز ٿيندي آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پاڻي ۾ اِسراف کان بچڻ بابت مَدَني گل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي پاڻي ۾ اِسراف کان بچڻ جي باري ۾ ڪجھ مَدَني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُلَاحَظَه ڪريو: (1) فرمايائون: وُضُو ۾ تمام گھڻو پاڻي وهائڻ ۾ ڪا ڀلائي ناهي